سامارو ( ن ع آ ) سامارو روڊ ۾ مبينا زيادتي ڪيس جرڳي وسيلي ٺاھ جو انڪشاف ٿيو آهي. .ذريعن موجب بااثر ڌرين جرڳي ذريعي لکين رپين جي ڏي وٺ ڪري ڪيس کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ٻه ھفتا اڳ سامارو روڊ جي ڳوٺ اسماعيل ڀرڳڙي جي رهواسي 16 ورهين جي ناري سان مبينا طور سلطان، علي حسن ۽ راشد نالي جوابدارن پاران مسلسل زيادتي ڪئي ويئي جنهن بعد ناري حمل سان ٿي، ناري جي ڀاءُ شهنواز ڌونڪائي وومين ٿاڻي تي داخل ڪرايل فرياد ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته هو پنج مهينا مزدوري لاءِ گهر کان ٻاهر رهيو ان دوران جوابدارن سندس ڀيڻ کي حراسان ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو فرياد موجب جڏهن ناري حمل سان ٿي ته جوابدارن معاملو لڪائڻ لاءِ کيس ڳوٺ ڀرسان موجود هڪ عطائي ڊاڪٽر ڪيول ڪولهي جي ڪلينڪ تي وٺي ويا جتي مبينا طور حمل ضايع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن سبب ناري جي طبيعت انتهائي خراب ٿي پئي بعد ۾ متاثر ناري سڄي حقيقت پنهنجي وارثن کي ٻڌائي جنهن بعد کيس سول اسپتال عمرڪوٽ منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن ميڊيڪل رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق ڪئيبوومين پوليس عمرڪوٽ متاثر ناري جي ڀاءُ جي فرياد تي جوابدار سلطان، علي حسن، راشد، عطائي ڊاڪٽر ڪيول ڪولهي، اسٽاف نرس نور احمد ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي هئي ذريعن موجب ڪيس جي جاچ دوران هڪ جرڳو ڪيو ويو جنهن ۾ مبينا طور عطائي ڊاڪٽر کان ٽي لک رپيا ۽ زيادتي جي الزام هيٺ آيل جوابدارن کان پنج لک رپيا وٺي مجموعي طور اٺ لک رپين عيوض معاملو دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ذريعن موجب جرڳي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته متاثر ناري عدالت ۾ بيان ڏئي ته نامزد جوابدار سندس مڙس آهي ۽ ناراضگي سبب سندس ڀاءُ غلط ڪيس داخل ڪرايو هو جڏهن ته پيٽ ۾ موجود ٻار به ساڳئي شخص جو آهي پر هن سموري معاملي ڪيترائي اهم سوال اٿاري ڇڏيا آهن. قانونن تحت نابالغ نينگري سان جنسي تعلق، شادي يا حمل جهڙا معاملا انتهائي حساس نوعيت جا ڏوھ آهن جن ۾ رياست پاڻ مدعي بڻجي سگهي ٿي. اهڙن ڪيسن ۾ صرف ڌرين جي ٺاھ سان معاملو ختم نٿو ٿي سگهي خاص طور تي جڏهن ميڊيڪل رپورٽ ۾ حمل ۽ حمل ضايع ڪرائڻ جي ڪوشش جا ثبوت موجود هجن جيڪڏهن ميڊيڪل رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق موجود هئي ته پوءِ متاثر ناري جي تحفظ، آزاد بيان ۽ ڪيس جي شفاف جاچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوليس انتظامه جو ذمو اچي ٿو قانوني ماھر چون ٿا ته اهڙن ڪيسن ۾ جرڳن وسيلي ٺاھ ڪرائڻ نه صرف قانون جي خلاف آهي پر متاثر ڌر کي انصاف کان محروم ڪرڻ جي برابر پڻ آهي.