عدالت پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان تي منع نامو جاري

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي گڏيل مقابلي واري امتحان 2024 بابت رڪارڊ سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ ڪنٽرولر امتحانن کي طلب ڪري ورتو۔ عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته گڏيل مقابلي  واري امتحان 2024 جي نتيجن بابت سنگين خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن، تنهنڪري ايندڙ ٻڌڻي تي ان حوالي سان سڀ ثبوت پيش ڪيا وڃن۔عدالت 6 مئي تي جاري ڪيل پريس رليز تي عملدرآمد پڻ روڪي ڇڏيو آهي، جيڪا امتحاني نتيجن بابت جاري ڪئي وئي هئي۔درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي من پسند اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو آهي۔،رڳو 70 اميدوار پاس قرار ڏنا ويا آهن،درخواست گذارمحمد علي لاکاڻي جي وڪيل ڪامران علي  چيو ته سندس اصيلن اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ گهڻيون مارڪون کنيون هيون پر رڳو منظُور نظر اميدوار پاس قرار ڏنا ويا،جيڪي اميدوار پاس قرار ڏنا ويا آهن اهي اهڙي قابليت ڏيکارڻ جي اهل نه هئا،هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي ساک وڃائي چڪي آهي،انهن تڪراري نتيجن خلاف ڪميشن ۾ شڪايتي درخواست به ڏني وئي پر ڪو به نوٽيس جاري نه ڪيو ويو، عدالت وزيراعليٰ سنڌ جي پرنسپل سيڪريٽري، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين،ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ آفيس ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 21 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.