سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ تعليم جي تباهي حڪومتي نااهلي آهي:حافظ نعيم

ڪراچي(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيل راڄ، تعليم جي تباهي  حڪومتي نااهلي آهي. پيپلز پارٽي گذريل 17 سالن کان اقتدار ۾ آهي، پر سنڌ جا ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي سميت زندگي جي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جيڪا ڳڻتي جوڳي حالت آهي. جماعت اسلامي هر فورم تي نظام جي تبديلي ۽ عوام جي حقن جي جنگ وڙهي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظھار ھن صوبائي اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا جي اڳواڻي ۾ لاهور ۾ منصوره مرڪز ۾ ميڊيا ورڪشاپ جي موقعي تي هڪ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان صرف شھباز شريف يا جنرل عاصم منير جو نالو  ناهي، پر هڪ نظريي ۽ سوچ جو نالو آهي. لکين قربانين کان پوءِ پاڪستان اسلام ۽ ڪلمي جي نالي تي وجود ۾ آيو. پر پاڪستان جي قيام کان وٺي، حڪمران قيادت وياجي معيشت ذريعي الله ۽ سندس رسول جي خلاف جنگ ڪئي آهي هن چيو ته انهن حڪمرانن جي ڪري اسان جي ملڪ جو قرض 85 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي ۽ ان ۾  روزانو 20 ارب رپين جو وڌارو ٿي رھيو آهي،هن چيو ته سوشل ميڊيا جا سڀئي پليٽ فارم ڪنهن به انقلابي تبديلي لاءِ هڪ بهترين هٿيار آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.