ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سخت گرمي باوجود مختلف علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شهري سخت پريشانين ۾ وٺجي ويا، رپورٽن موجب ڪياماڙي، کڙاڙ، لياري، اورنگي ٽائون، بلديا ٽائون ۽ سعيد آباد ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بجلي بند رهڻ سبب سخت گرمي ۾ شهرين جي زندگي مشڪل بڻجي وئي، لياقت آباد، ناظم آباد، گل بهار، رضويه، پاڪ ڪالوني ۽ ٻين علائقن جا رهواسي به بجلي جي بندش سبب پريشانين ۾ ورتل آهن، مختلف علائقن ۾ بجلي جي بندش سبب پاڻي جي فراهمي به متاثر ٿي رهي آهي، جنهن سبب شهري وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار آهن، واضح رهي ته شهر جي مختلف حصن ۾ لوڊشيڊنگ جي اها صورتحال ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري آهي، شهرين دانهيندي چيو ته سخت گرمي سبب اڳ ئي پريشانين ۾ ورتل آهيون، بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽ ڪري ڳڻتي ختم ڪئي وڃي.