ڪراچي(رپورٽر) قطر کان ايل اين جي کڻي ويندڙ ٻيو جهاز آبناءِ هرمز ذريعي ڪراچي پهچي ويو آهي. ذريعن موجب، ايل اين جي
جهاز آبناءِ هرمز ۾ روڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ ٻيهر ڪراچي ڏانهن وڃي رهيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران جنگ کان پوءِ ٽي ايل اين جي جهاز ڪراچي پهچي چڪا آهن، هڪ آمريڪا کان، ٻيو متحده عرب امارات کان ۽ ٽيون قطر کان پورٽ قاسم پهتو آهي.