ايڇ آءِ وي ۽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي آگاهي مهم

مومل پنهور

پاڻ هميشه اهو قول ٻڌندا آيا آهيون ته جيءُ آهي ته جهان آهي. انسان جو صحت سان گهرو تعلق آهي، ڇو⁠ته بغير صحت جي انسان ڪنهن به ڪم جي قابل نٿو رهي سگهي. ان ڪري زندگي ۾ انسان جو صحتمند هجڻ تمام ضروري آهي۔ اڄ جي جديد دور ۾، جتي دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بي مثال ترقي ڪري چڪي آهي، اتي به ڪجهه بيماريون اڃا تائين انسانيت لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهن. انهن مان هڪ خطرناڪ بيماري ايڇ آءِ وي (HIV) آهي، جيڪا صرف طبي مسئلو نه، پر سماجي، نفسياتي ۽ انساني مسئلو پڻ آهي۔ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سماج ۾ اڃا تائين HIV بابت مڪمل آگاهي موجود ناهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو خوف، غلط فهمين ۽ نفرت جو شڪار ٿين ٿا۔

ايڇ آءِ وي (HIV) جو مڪمل نالو هيومن اميونوڊي فشينسي وائرس آهي۔ هي هڪ اهڙو وائرس آهي جيڪو انسان جي جسم جي مدافعتي نظام (Immune System) تي حملو ڪري ٿو۔ مدافعتي نظام اسان جي جسم کي مختلف بيمارين ۽ جراثيمن کان بچائڻ لاءِ ڪم ڪندو آهي، پر جڏهن HIV جسم ۾ داخل ٿئي ٿو ته اهو آهستي آهستي هن حفاظتي نظام کي ڪمزور ڪندو وڃي ٿو۔ جيڪڏهن وقت سر علاج نه ڪيو وڃي ته HIV اڳتي هلي ايڊز (AIDS) ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، جيڪا هن بيماري جي آخري ۽ وڌيڪ خطرناڪ حالت آهي۔ هي وائرس خاص طور تي جسم جي انهن سيلز تي حملو ڪندو آهي، جن کي CD4 Cells چيو ويندو آهي۔ اهي سيلز جسم کي انفڪشن کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن۔ جڏهن وائرس انهن سيلز کي تباهه ڪندو رهي ٿو ته جسم جي بيمارين سان وڙهڻ جي صلاحيت گهٽجندي وڃي ٿي۔

پاڪستان ۾ HIV جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، جيڪا ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي۔ سرڪاري اداري نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام مطابق ڊسمبر 2025 تائين پاڪستان ۾ تقريباً 84 هزار کان وڌيڪ رجسٽرڊ HIV ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، جڏهن⁠ ته ماهرن جو اندازو آهي ته اصل متاثر ماڻهن جو انگ ان کان گهڻو وڌيڪ، لڳ ڀڳ 3 لک 30 هزار کان 3 لک 70 هزار تائين ٿي سگهي ٿو۔

رپورٽن موجب صرف سال 2025 دوران لڳ ڀڳ 14 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيا۔ سنڌ صوبي ۾، خاص طور تي ٻارن ۾، HIV جا ڪيس وڌيڪ سامهون اچڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ خطرناڪ صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو۔ عالمي ادارا جهڙوڪ WHO ۽ UNAIDS پڻ پاڪستان ۾ HIV جي وڌندڙ صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪري چڪا آهن۔ پر ان باوجود به حڪومت صحت هي معاملي تي سنجيدا ناهي

اڄڪلهه جديد دوائن جي مدد سان HIV کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو ۽ متاثر ماڻهو به عام زندگي گذاري سگهن ٿا، پر ان لاءِ ضروري آهي ته بيماري جي جلد تشخيص ۽ باقاعده علاج ڪيو وڃي۔ ايڇ آءِ وي ڪو اهڙو مرض ناهي جنهن کان صرف خوف کائجي، پر اها هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن بابت آگاهي، احتياط ۽ انسانيت جي ضرورت آهي۔ جيڪڏهن سماج مان غلط فهميون ختم ڪيون وڃن، متاثر ماڻهن سان عزت ۽ همدردي وارو رويو اختيار ڪيو وڃي ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي ته HIV جي پکڙجڻ کي وڏي حد تائين روڪي سگهجي ٿو

اسان جي سماج ۾ HIV کي اڃا تائين هڪ شرم واري بيماري سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن⁠ ته حقيقت ۾ هي هڪ طبي مسئلو آهي۔ متاثر ماڻهن سان نفرت يا امتيازي سلوڪ ڪرڻ بدران انهن کي همدردي، سهڪار ۽ علاج جي ضرورت هوندي آهي۔ ڪيترائي ماڻهو صرف خوف يا سماجي دٻاءَ سبب پنهنجو ٽيسٽ به نٿا ڪرائين، جنهن سبب بيماري وڌيڪ پکڙجندي رهي ٿي۔ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ميڊيا کي گهرجي ته HIV بابت صحيح آگاهي مهم هلائن ته جيئن ماڻهن مان خوف ۽ غلط فهميون ختم ٿي سگهن۔ نوجوانن کي خاص طور تي صحت، صفائي ۽ احتياط بابت ڄاڻ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔ اچو ته خوف بدران ڄاڻ کي عام ڪريون، نفرت بدران محبت کي هٿي ڏيون ۽ هڪ صحتمند، باخبر ۽ ذميوار سماج جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون۔

جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو آگاهي مهم ۾ ڪردار

اڄ جڏهن پاڪستان، خاص طور تي سنڌ، HIV جهڙي خطرناڪ بيماري جي وڌندڙ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، تڏهن ڪجهه سماجي ۽ سياسي شخصيتون اهڙيون به آهن جيڪي خاموش رهڻ بدران عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اڳتي اچي رهيون آهن۔ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پڻ انهن شخصيتن مان هڪ آهي، جيڪو آواز اٿارڻ فرض آهي ۽ خاموشي ڏوهه آهي جهڙي سگهاري سلوگن سان HIV بابت بيباڪي سان آگاهي مهم هلائي رهيو آهي۔ هو مختلف شهرن ۽ تقريبن دوران نوجوانن، شاگردن ۽ عام ماڻهن کي HIV بابت معلومات فراهم ڪري ٿو ۽ کين اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته هي بيماري خوف يا نفرت سان نه، پر آگاهي، احتياط ۽ علاج سان روڪي سگهجي ٿي۔ سندس مهم جو اهم مقصد سماج مان غلط فهميون ختم ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ آهي۔

جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ڪيترن ئي موقعن تي اهو به چئي چڪو آهي ته HIV جهڙن مسئلن تي خاموش رهڻ وڌيڪ نقصانڪار آهي، ڇو⁠ته خاموشي سبب بيماري تيزي سان پکڙجندي رهي ٿي۔ سندس اها جرئت ۽ سماجي ذميواري قابلِ تعريف آهي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين اهڙن حساس موضوعن تي ڳالهائڻ کان ڪيٻائين ٿا۔ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جيڪو ڪم حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي وڏي پيماني تي ڪرڻ گهرجي، اهو ڪم اڪثر سماجي ڪارڪنن ۽ ڪجهه ذميوار ماڻهن تائين محدود نظر اچي ٿو۔ سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي کي گهرجي ته هو رڳو بيانن تائين محدود نه رهن، پر عملي طور تي آگاهي مهم، مفت ٽيسٽنگ ۽ علاج جون سهولتون وڌائين، جيئن HIV جي وڌندڙ خطري تي ضابطو آڻي سگهجي۔

اهڙي صورتحال ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو آواز نه صرف نوجوانن لاءِ همت جو پيغام آهي، پر اهو سماج کي جاڳائڻ جي هڪ سنجيده ڪوشش پڻ آهي۔ ڇو⁠ته حقيقت اها ئي آهي ته آواز اٿارڻ فرض آهي ۽ خاموشي ڏوهه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.