بيجنگ ۾ آمريڪي صدر جي آمد ۽ نئين سياسي صف بندي

غلام مصطفىٰ جمالي

بيجنگ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي آمد کي چين انتهائي اهميت ڏئي رهيو آهي۔ چين جي قيادت هن دوري کي صرف ٻن ملڪن جي لاڳاپن تائين محدود نه پر عالمي استحڪام جي تناظر ۾ پيش ڪري رهي آهي۔ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران واپاري جنگ، ٽيڪنالاجي جي مقابلي، ڏکڻ چين سمنڊ جي ڇڪتاڻ، تائيوان واري معاملي ۽ عالمي اثر رسوخ جي جنگ سبب سخت تناؤ رهيو آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ ٽرمپ جو چين وڃڻ ان ڳالهه جو اشارو سمجهيو پيو وڃي ته ٻنهي ملڪن کي هاڻي اهو احساس ٿي رهيو آهي ته مستقل ٽڪراءُ نه صرف سندن معيشتن کي نقصان پهچائيندو پر سڄي دنيا کي به بحرانن ۾ ڌڪي سگهي ٿو۔

ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سياسي انداز سبب دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو۔ هو روايتي سفارتي ٻولي بدران سخت ۽ سڌي لهجي ۾ ڳالهائڻ لاءِ مشهور رهيو آهي۔ پنهنجي اڳوڻي دورِ حڪومت دوران هن چين خلاف سخت معاشي پاليسيون اختيار ڪيون، چيني شين تي ڳرا محصول لاڳو ڪيا، چيني ڪمپنين تي پابنديون وڌيون ۽ آمريڪي صنعتن کي چين کان پري منتقل ڪرڻ جون مهمون هلائيون۔ ان وقت دنيا کي لڳو هو ته شايد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرد جنگ جهڙي صورتحال پيدا ٿي ويندي، پر وقت سان گڏ عالمي معيشت جي حقيقتن اهو واضح ڪري ڇڏيو ته آمريڪا ۽ چين مڪمل طور هڪ ٻئي کان الڳ نٿا ٿي سگهن۔ ٻنهي ملڪن جون معيشتون هڪ ٻئي سان ايتريون ڳنڍيل آهن جو ڪنهن به وڏي تڪرار جا اثر دنيا جي هر ملڪ تائين پهچي سگهن ٿا۔

چين هن وقت دنيا جي ٻي وڏي معيشت آهي، جڏهن ته آمريڪا پهرين نمبر تي بيٺل آهي۔ ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن جو حجم هزارين ارب ڊالرن تي مشتمل آهي۔ دنيا جي اڪثر ملڪن جي صنعت، واپار ۽ مارڪيٽن جو دارومدار انهن ٻنهي قوتن جي استحڪام تي آهي۔ جيڪڏهن آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري جنگ وڌي وڃي ته تيل کان وٺي خوراڪ، ٽيڪنالاجي کان وٺي روزگار ۽ ڪرنسي کان وٺي اسٽاڪ مارڪيٽن تائين هر شيءِ متاثر ٿيندي آهي۔ ان ڪري بيجنگ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن کي عالمي معيشت جي مستقبل سان ڳنڍي ڏٺو پيو وڃي۔

هي دورو اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن دنيا ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار آهي۔ وچ اوڀر ۾ جنگي ڇڪتاڻ، روس ۽ يوڪرين جي جنگ، ايران بابت وڌندڙ خدشا، عالمي مهانگائي، توانائي بحران ۽ عالمي واپار جي غير يقيني صورتحال دنيا کي پريشان ڪري رهي آهي۔ اهڙي ماحول ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري عالمي مارڪيٽن لاءِ هڪ مثبت اشارو ٿي سگهي ٿي۔ خاص طور تي ايشيا جا ملڪ هن دوري کي وڏي اهميت سان ڏسي رهيا آهن، ڇاڪاڻ⁠تہ ايشيا هاڻي عالمي سياست ۽ معيشت جو مرڪز بڻجي رهيو آهي۔تائيوان وارو معاملو هن دوري جو سڀ کان حساس موضوع سمجهيو پيو وڃي۔ چين تائيوان کي پنهنجي علائقي جو حصو سمجهي ٿو، جڏهن ته آمريڪا تائيوان کي فوجي ۽ سياسي سهڪار فراهم ڪندو رهيو آهي۔ گذريل سالن دوران آمريڪي هٿيارن جي فراهمي ۽ اعليٰ سطح جي آمريڪي وفدن جي تائيوان دوري سبب بيجنگ ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ شديد تناؤ پيدا ٿيو هو۔ چين ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪيو ته تائيوان واري معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي۔ اهڙي صورتحال ۾ ٽرمپ ۽ چيني قيادت جي ملاقات دوران تائيوان تي گفتگو عالمي امن لاءِ اهم سمجهي پئي وڃي۔

بيجنگ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو استقبال پڻ سياسي علامتن سان ڀرپور رهيو۔ چين دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته هو آمريڪا سان برابري جي بنياد تي ڳالهائڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ اڳي عالمي سياست ۾ آمريڪا جي اڪيلي بالادستي نظر ايندي هئي، پر هاڻي چين هڪ اهڙي قوت طور اڀري چڪو آهي جيڪا عالمي فيصلا سازي ۾ پنهنجو اهم ڪردار چاهي ٿي۔ اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا “هڪ قطبي نظام” بدران “گهڻ قطبي نظام” ڏانهن وڌندي نظر اچي رهي آهي۔دنيا جا مالي ادارا، واپاري منڊيون ۽ سفارتي حلقا هن دوري جي نتيجن تي نظر رکي ويٺا آهن۔ جيڪڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، ٽيڪنالاجي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڪنهن حد تائين اتفاق ٿئي ٿو ته عالمي معيشت ۾ استحڪام اچي سگهي ٿو۔ پر جيڪڏهن ملاقاتون ناڪام ٿين ٿيون ته پوءِ نوان معاشي بحران جنم وٺي سگهن ٿا۔ خاص طور تي ترقي پذير ملڪ اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ متاثر ٿيندا، ڇاڪاڻ⁠تہ انهن جي معيشتن جو وڏو حصو عالمي واپار سان ڳنڍيل آهي۔

چين پنهنجي سفارتڪاري ۾ هميشه صبر، تسلسل ۽ معاشي مفادن کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا گهڻو ڪري فوجي ۽ سياسي دٻاءُ کي استعمال ڪندو رهيو آهي۔ هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا ٽرمپ جي قيادت هيٺ آمريڪا پنهنجي پراڻي پاليسي تبديل ڪندو يا وري مقابلي جي سياست جاري رهندي؟ ان سوال جو جواب شايد بيجنگ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن مان نڪري سگهي ٿو۔عالمي سياست ۾ شخصيتن جو ڪردار به اهم هوندو آهي۔ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي غير روايتي انداز سبب ڪيترائي ڀيرا اهڙا فيصلا ڪيا جيڪي دنيا لاءِ حيران ڪندڙ ثابت ٿيا۔ هن اتر ڪوريا سان سڌيون ملاقاتون ڪيون، وچ اوڀر بابت نيون پاليسيون اختيار ڪيون ۽ عالمي ادارن تي به تنقيد ڪئي۔ ان ڪري چين سان سندس ڳالهين کي به غير معمولي اهميت حاصل آهي۔ ممڪن آهي ته هو معاشي مفادن کي اوليت ڏيندي ڪنهن نئين واپاري معاهدي جي ڪوشش ڪري، يا وري چين کان وڌيڪ رعايتون حاصل ڪرڻ لاءِ سخت موقف اختيار ڪري۔

بيجنگ جي هن دوري جو هڪ اهم پاسو عالمي امن سان پڻ لاڳاپيل آهي۔ دنيا هاڻي وڏي جنگ جي متحمل نٿي ٿي سگهي۔ يوڪرين جنگ اڳ ئي عالمي معيشت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ صورتحال به ڳڻتي جوڳي آهي۔ اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن آمريڪا ۽ چين هڪ ٻئي سان تعاون جو رستو اختيار ڪن ٿا ته اهو عالمي امن لاءِ مثبت قدم ثابت ٿي سگهي ٿو۔ پر جيڪڏهن مقابلي ۽ طاقت جي سياست جاري رهي ته پوءِ ايندڙ سالن ۾ دنيا وڌيڪ غير يقيني صورتحال جو شڪار ٿي سگهي ٿي۔

هي دورو ان ڳالهه جو به ثبوت آهي ته دنيا جي طاقت جو مرڪز آهستي آهستي ايشيا ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي۔ چين معاشي ترقي، ٽيڪنالاجي، فوجي طاقت ۽ سفارتڪاري جي ذريعي عالمي سطح تي پنهنجي جاءِ مضبوط ڪري رهيو آهي۔ آمريڪا اڃا تائين دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت آهي، پر هاڻي کيس به چين جهڙي طاقت سان حساب ڪتاب ڪري هلڻو پئجي رهيو آهي۔ اهو ئي نئون عالمي منظرنامو آهي جنهن ۾ ڪنهن هڪ ملڪ جي مڪمل بالادستي ممڪن نظر نٿي اچي۔بيجنگ ۾ ٿيندڙ ملاقاتون شايد فوري طور دنيا کي تبديل نه ڪن، پر انهن جا اثر ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين محسوس ڪيا ويندا۔ واپار کان وٺي فوجي حڪمت عملين تائين، ڪرنسي مارڪيٽن کان وٺي توانائي پاليسين تائين، هر شعبي ۾ هن دوري جا نتيجا نظر اچي سگهن ٿا۔ دنيا هاڻي انتظار ڪري رهي آهي ته ڇا آمريڪا ۽ چين مقابلي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا يا وري عالمي سياست نئين سرد جنگ ڏانهن وڌندي۔

اڄ جي دنيا ۾ طاقت صرف هٿيارن سان نه پر معيشت، ٽيڪنالاجي، سفارتڪاري ۽ عوامي اعتماد سان به ماپي وڃي ٿي۔ چين ۽ آمريڪا ٻنهي وٽ اهي سڀ عنصر موجود آهن، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا اهي قوتون دنيا کي استحڪام ڏينديون يا پنهنجي مقابلي سبب عالمي بحرانن کي وڌائينديون؟ بيجنگ ۾ ٿيندڙ هي ملاقاتون شايد انهيءَ سوال جو ابتدائي جواب مهيا ڪن۔ دنيا جون نظرون هن وقت بيجنگ تي آهن، جتي ٻه وڏيون قوتون صرف هڪ ٻئي سان نه پر مستقبل جي عالمي نظام سان به ڳالهائي رهيون آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.