پاڪستان هن وقت هڪ عجيب سياسي ۽ معاشي تماشي جو قيدي بڻيل آهي. ايوانن ۾ تقريرون آهن، بيان آهن، ملاقاتون آهن، تصويرون آهن، پر غائب صرف اهو ماڻهو آهي جيڪو صبح جو اٽي جي قيمت پڇي ٿو، شام جو بجليءَ جو بل ڏسي خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ رات جو ٻارن جي بکايل سوالن کان نظرون چرائي ٿو. صدرِ مملڪت وزيراعظم سان ملي ٿو ته خبر اها جاري ٿئي ٿي ته ٻئي عام ماڻهو جي مشڪلاتن تي فڪرمند آهن. ميان نواز شريف پنهنجي ڀاءُ وزيراعظم ۽ ڌيءُ وڏي وزير پنجاب سان ملاقات ڪري ٿو ته هدايت ڏئي ٿو ته عوام کي ريليف ڏنو وڃي. پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن رياست جا سمورا طاقتور مرڪز واقعي پريشان آهن ته پوءِ اها پريشاني عوام جي زندگيءَ ۾ ڇو نظر نٿي اچي؟
گذريل ڪجهه سال پاڪستان جي معاشي تاريخ جا سخت ترين سال شمار ٿين ٿا. 2023ع ۾ مهانگائيءَ جي سراسري شرح تقريبن 29 سيڪڙو تائين پهچي وئي، جڏهن ته ڪجهه مهينن ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جي قيمتن ۾ اضافو 40 سيڪڙو کان به مٿي ويو، اهو فنانس ڊويزن ٻڌائي ٿو. اٽو، کنڊ، گيهه، داليون، کير، ڀاڄيون، هر شيءِ متوسط ۽ غريب طبقي جي پهچ کان پري ٿيندي وئي. پيٽرول، جيڪو پاڪستان ۾ هر شيءِ جي قيمت مقرر ڪري ٿو، ٻن سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيو ۽ گهٽيو، پر مجموعي طور تي ان جو بار عوام جو چيلهه چٻي ڪري ويو. ايران آمريڪا جنگ جي آڙ ۾ حڪومت پيٽرول تي ٽيڪس وڌائڻ جي راند شروع ڪري رکي آهي. ڪڏهن اٺ رپيا گهٽجڻ تي جشن ملهايو ويو، ڪڏهن پندرهن رپيا اضافي کي عالمي مارڪيٽ جو اثر چئي خاموشي اختيار ڪئي وئي. پر سوال وري اهو ئي آهي ته ڇا هڪ مزدور جي اجرت به ان ئي رفتار سان وڌي؟
حڪومت ٻن سالن ۾ ريليف جا ڪيترائي اعلان ڪيا. يوٽيلٽي اسٽورن تي سبسڊي، رمضان پيڪيج، احساس ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اضافو، بجلي جي بلن ۾ وقتي ريليف، ڪسان پيڪيج، نوجوانن لاءِ قرض ۽ ڪڏهن ڪڏهن پٽرول جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي. پر حقيقت اها آهي ته انهن اپائن جو اثر سمنڊ ۾ قطري کان وڌيڪ نه هو. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته 2024ع ۾ جيتوڻيڪ مهانگائي جي رفتار گهٽجي سنگل ڊيٽ ۾ آئي، پر قيمتون هيٺ نه آيون. يعني عوام کي صرف اهو ٻڌايو ويو ته هاڻي توهان کي اڳي جي ڀيٽ ۾ گهٽ رفتار سان لٽيو پيو وڃي.
اها سرمائيداراڻي نظام وارين رياستن جي پراڻي راند آهي. سوشلسٽ مفڪر ڪارل مارڪس چيو هو ته رياست دراصل طاقتور طبقن جي محافظ هوندي آهي. پاڪستان ۾ اهو جملو هڪ زنده حقيقت محسوس ٿئي ٿو. هتي ٽيڪس پگهاردار طبقو ڏئي ٿو، پر مراعات وڏا سرمائيدار، جاگيردار، بيوروڪريٽ، طاقتور ادارا ۽ سياسي اشرافيه وٺن ٿا. عام ماڻهو لاءِ بجلي مهنگي، پر طاقتور طبقن لاءِ سبسڊي. عوام لاءِ پٽرول تي ليوي، پر اشرافيه جي پروٽوڪول ۾ درجنن گاڏيون. غريب لاءِ فاقو، پر ايوانن ۾ دعوتون. حڪومت بار بار چوندي رهي ته آءِ ايم ايف کانسواءِ معيشت نٿي هلي سگهي. واقعي پاڪستان گذريل ٻن سالن ۾ آءِ ايم ايف کان اربين ڊالرن جا پروگرام ورتا. 2023ع ۾ ٽي ارب ڊالرن جي اسٽينڊ بائي معاهدي کان وٺي 2024ع جي ست ارب ڊالرن جي توسيعي پروگرام تائين، هر معاهدي سان بجلي، گئس ۽ پٽرول مهنگو ٿيو. عوام کي ٻڌايو ويو ته اها قرباني رياست کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي. پر رياست بچائي وئي يا صرف اشرافيه جا مفاد؟
پاڪستان جي سياست جو الميو اهو آهي ته هتي عوامي خدمت کان وڌيڪ سياسي مخالف کي شڪست ڏيڻ اهم سمجهيو ويندو آهي. اسان جا سياستدان هڪٻئي کي جيل موڪلڻ، ميڊيا مهم هلائڻ، وفاداريون تبديل ڪرائڻ ۽ اقتدار جي راند ۾ ته غير معمولي صلاحيت رکن ٿا، پر جڏهن ڳالهه عام ماڻهو لاءِ پاليسي ٺاهڻ جي اچي ٿي ته سندن ذهانت اوچتو مفلوج ٿي وڃي ٿي. سياست ۾ حريف کي پڇاڙڻ واقعي هڪ صلاحيت آهي، پر عوام کي ريليف پهچائڻ ان کان ڪٿي وڏي صلاحيت آهي ۽ اها ئي صلاحيت اسان جي حڪمران طبقي ۾ ناياب نظر اچي ٿي. افسوس اهو به آهي ته ان صورتحال تي اهي قوتون به خاموش آهن جيڪي ماضي ۾ مهنگائي تي رستا ڀري ڇڏينديون هيون. اپوزيشن يا ته پنهنجن ڪيسن ۾ ڦاٿل آهي يا اقتدار جي ايندڙ راند جي تياريءَ ۾. مذهبي جماعتون فلسطين، ڪشمير ۽ عالمي سياست تي جلوس ڪڍي سگهن ٿيون، پر پاڪستان جي مزدور، هاري ۽ پگهاردار طبقي لاءِ ڪا به ملڪ گير تحريڪ نظر نٿي اچي. پارليامينٽ ۾ عوامي مسئلن تي بحث گهٽ ۽ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ وڌيڪ ٿئي ٿي. ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ پورو نظام مراعات يافته طبقن جي تحفظ لاءِ بيٺو آهي، جڏهن ته عوام صرف انگ اکر آهن.
عوامي فڪر هميشه اهو چوندو رهيو آهي ته جڏهن دولت ڪجهه هٿن ۾ گڏ ٿي وڃي ته معاشرو اندر کان کوکلو ٿي ويندو آهي. پاڪستان ۾ اهو ئي ٿي رهيو آهي. هڪ طرف پوش علائقن ۾ نوان مالز، لگزري گاڏيون ۽ مهانگا ريسٽورنٽ وڌي رهيا آهن، ٻئي طرف سرڪاري اسپتالن ۾ دوا ناهي، سرڪاري اسڪولن ۾ استاد ناهي ۽ غريب جي چلهي ۾ باهه ناهي. هي ٻه الڳ پاڪستان آهن. هڪ اهو جيڪو طاقت، دولت ۽ مراعات جي حصار ۾ محفوظ آهي، ٻيو اهو جيڪو هر مهيني بجلي جي بل ۽ اٽي جي قيمت جي وچ ۾ پيسجي رهيو آهي.
حڪمران طبقو بار بار اهو دعويٰ ڪري ٿو ته معاشي اشاري بهتر ٿي رهيا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي وڃي رهي آهي، مٽاسٽا جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، مهانگائي جي شرح گهٽجي رهي آهي. پر هڪ سوال انهن تمام معاشي ڪاميابين جي منهن تي چماٽ آهي ته جيڪڏهن معيشت بهتر ٿي رهي آهي ته عوام جي زندگي ڇو بدتر ٿي رهي آهي؟ آخر ڇو هڪ متوسط طبقي جو ماڻهو هاڻي گوشت خريد ڪرڻ کان اڳ سوچي ٿو؟ ڇو هڪ پيءُ اسڪول فيس جمع ڪرائڻ کان اڳ قرض ڳولي ٿو؟ ڇو هڪ ريٽائرڊ بزرگ پنهنجي دوا اڌ ڪري ڇڏي ٿو؟ رياست صرف بجيٽ، انگن اکرن ۽ معاهدن سان نٿي هلي. رياست ان اعتماد سان هلندي آهي جيڪو عوام کي محسوس ٿئي ته هي ملڪ سندن به آهي. جڏهن عام ماڻهو کي يقين ٿي وڃي ته تمام قربانيون صرف ان کي ئي ڏيڻيون آهن ۽ تمام مراعات صرف اشرافيه کي حاصل ڪرڻيون آهن ته پوءِ معاشرو خاموش ته رهي سگهي ٿو، مطمئن نٿو رهي سگهي.