ميسي فٽبال جي دنيا جو مهانگو ترين رانديگر، ساليانو 7 ارب، 78 ڪروڙ، 40 لک رپيا ڪمائڻ لڳو!

ارجنٽائن جي ليجنڊري فٽبالر ليونل ميسي ميجر ليگ سوڪر (ايم ايل ايس) ۾ اڃا تائين سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ رانديگر آهي، جنهن جي سالياني بنيادي پگهار 25 ملين ڊالر آهي، جيڪا ليگ ۾ ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ رانديگر سون هيونگ من کان ٻيڻ کان به وڌيڪ آهي.
ايم ايل ايس پليئرز ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب، ميسي جي انٽر ميامي سان معاهدي ۾ سندس ڪل ضمانتي آمدني 28.3 ملين ڊالرن تائين پهچي ٿي.
هي اهو ئي معاهدو آهي جيڪو گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڪيو ويو هو، جنهن تحت هو 2028ع جي سيزن تائين ڪلب سان لاڳاپيل رهندو.
ڏکڻ ڪوريا جو اسٽار فٽبالر سون هيونگ من، جيڪو گذريل سال آگسٽ ۾ لاس اينجلس ايف سي ۾ شامل ٿيو هو، 10.36 ملين ڊالرن جي بنيادي پگهار سان ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته سندس مجموعي ضمانتي آمدني 11.2 ملين ڊالر آهي.
ڄاڻايل انگ اکرن اشتهاري معاهدن يا ٻي واڌو آمدني شامل نه آهي، اهڙي طرح ميسي جي امڪاني واڌو آمدني به ان ۾ شامل ناهي جيڪا کيس انٽر ميامي ۾ شيئرز جي اختيار مان حاصل ٿي سگهي ٿي، جنهن جو گڏيل مالڪ ڊيوڊ بيڪهم آهي.
رپورٽ موجب، ليونل ميسي انٽر ميامي لاءِ هينئر تائين شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 64 ليگ ميچن ۾ 59 گول اسڪور ڪيا آهن.
گذريل سيزن ۾ هن 29 گولن سان ليگ جي قيادت ڪئي ۽ مسلسل ٻئي سال سڀ کان املهه( موسٽ ويليوبل پليئر) رانديگر جو اعزاز حاصل ڪيو.
هن فهرست ۾ ٽئين نمبر تي ميسي جو ساٿي ۽ ارجنٽائن جو مڊفيلڊر روڊريگو ڊي پال آهي، جنهن جي ضمانتي آمدني 9.7 ملين ڊالر آهي. ميڪسيڪو جو فارورڊ هيرونگ ’چڪي‘ لوزانو 9.3 ملين ڊالرن سان چوٿين نمبر تي آهي، جڏهن ته اٽلانٽا يونائيٽيڊ جو ميگوئل الميرون 7.9 ملين ڊالرن سان پنجين نمبر تي موجود آهي.
ايم ايل ايس موجب،مجموعي ليگ پگهارن جو ڪاٿو 631 ملين ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته سراسري ضمانتي آمدني 688816 ڊالر رهي جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 8.9 سيڪڙو واڌارو ظاهر ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.