ڦاروا اهڙو ميوو آهن جيڪي گرم مند ۾ ٿوري عرصي لاءِ ايندا آهن، اهو ئي ڪارڻ آهي ته ماڻهو ڦارون مان گهڻو مزو ناهن ماڻي سگهندا.
هي کٽو مٺو ميوو ذائقي ۾ ته بهتر آهي پر ڇا هي صحت لاءِ ڪارائتو آهي؟
رپورٽ موجب ماهرن ان جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي ته هي ميوو صحت لاءِ ڪارائتو آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته هن ميووي کي عادت ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.
ماهرن ٻڌايو ته ڦارون ۾ پروٽين، ڪاربوهائڊريٽ، ڪيلشيم، غذائي فائبر، فاسفورس، آئرن، پوٽاشيم، سوڊيم، وٽامن اي، وٽامن بي 1، وٽامن بي 2، وٽامن بي 3 ۽ وٽامن سي جهڙا جزا هن ميووي ۾ موجود آهن.
هن ميووي جا فائدا هيٺ ڏجن ٿا:
ڦارون ۾ وٽامن اي موجود هوندو آهي ۽ هي وٽامن سٺي اکين جي نور لاءِ اهم آهي، جڏهن ته وٽامن بي 1 دل ۽ اعصاب جي سرگرم ڪم کي مستحڪم رکندو آهي جڏهن ته ان جي گهٽتائي سان مسلز ۽ اعصاب جي ڪمزوري جهڙا مسئلا وڌي وڃن ٿا.
وٽامن بي 2 رت جي خلين جي واڌ ويجه ۽ ميٽابولزم لاءِ اهم آهي جنهن کي ڦارون کانسواءِ بيدن، پالڪ ۽ بادامن مان حاصل ڪري سگهجي ٿو.
وٽامن بي 3 ڪوليسٽرول کي متوازن رکندو آهي، وٽامن سي وري مدافعتي نظام لاءِ اهم سمجهيو ويندو آهي.
ماهرن ٻڌايو ته ڦارون جو جوس پيئڻ سان ساهه جا مسئلا حل ٿيندا آهن جهڙوڪ دم، زڪام ۽ اهڙين ٻين بيمارين کان ريليف ملندو آهي. هن ۾ موجود پروٽيم جسماني توانائي ۾ واڌ ڪندو آهي.
ڦارون ۾ موجود فائبر هاضمي جي نظام کي بهتر آهي جنهن سان اُلٽي اچڻ، پيٽ جو سور ۽ اهڙا ٻيا مسئلا نه ٿيندا، ان لاءِ روزانو هن ميووي جو جوس پيئڻ عادت بڻائڻ گهرجي.
ڦارون ۾ موجود آئرن رت وڌائيندو آهي جنهن سبب اينيميا جي مريضن کي لازمي پيئڻ گهرجي. ان کانسواءِ ڦارون جا ٻج به ڪو نقصان ناهن ڏيندا ان لاءِ وڌ کان وڌ ڦاروا کائڻ گهرجن ۽ ان جو جوس پيئڻ گهرجي.