ايشز ۾ بدترين شڪست کانپوءِ انگلش ٽيم ۾ آپريشن ڪلين اَپ، نيوزيلينڊ خلاف 15 رڪني اسڪواڊ ۾ نوان چهرا شامل

لنڊن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ انگلينڊ جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيادت بين اسٽوڪس ڪندو.
سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي اعلانيل اسڪواڊ ۾ آسٽريليا خلاف ايشز سيريز جي 7 رانديگرن کي ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايميليو گي ۽ جيمز ريو کي پهريون ڀيرو ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ زيڪ ڪرولي ۽ اولي پوپ کي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ريحان احمد ۽ اولي رابنسن 2024ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيم ۾ واپس آيا آهن.
نيوزيلينڊ خلاف لارڊز ۾ شيڊيول پهرين ٽيسٽ لاءِ انگلينڊ جي اسڪواڊ جي قيادت بين اسٽوڪس ڪندو، ٻين رانديگرن ۾ ريحان احمد، گس ايٽڪنسن، سوني بيڪر، شعيب بشير، جيڪب بيٿل، هيري بروڪ، بين ڊڪٽ، ميٿيو فشر، ايميليو گي، جيمز ريو، اولي رابنسن، جوءِ روٽ، جيمي سمٿ ۽ جوش ٽنگ شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.