بنگلاديش هٿان عبرتناڪ شڪست کانپوءِ ٽيسٽ ريڪنگ ۾ به پاڪستاني رانديگرن جي پوزيشن ڊائون

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ڪيئي پاڪستاني رانديگر پنهنجي پوزيشن وڃائي ويٺا آهن.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رينڪنگ ۾بيٽر سعود شڪيل ڇهه درجا وڃائڻ کانپوءِ ٽاپ ٽين مان ٻاهر ٿي پندرهين پوزيشن تي هليو ويو آهي.
ٽاپ ٽين رينڪنگ ۾ شامل اڪيلو پاڪستاني بالر نعمان علي ٽي درجا تنزلي کانپوءِ پنجين پوزيشن تي اچي ويو آهي.
بيٽرن جي فهرست ۾ انگلينڊ جو جوءِ روٽ، هيري بروڪ، آسٽريليا جو ٽريوس هيڊ، اسٽيو سمٿ ۽ نيوزيلينڊ جو ڪين وليمسن ترتيبوار پهرين کان پنجين پوزيشن تي موجود آهن.
محمد رضوان 21 هين پوزيشن تي موجود آهي جڏهن ته بابر اعظم هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ 33 هين ۽ ڪپتان شان مسعود ڇهه درجا تنزلي بعد 44 پوزيشن تي هليو ويو آهي.
بالرن جي فهرست ۾ ڀارت جي جسپريت بُمرا پهرين پوزيشن برقرار آهي جڏهن ته مچل اسٽارڪ، ميٽ هينري ۽ پيٽ ڪمنز هڪ هڪ درجو ترقي سان ترتيبوار ٻي کان چوٿين پوزيشن تي اچي ويا آهن، شاهين آفريدي جي 24 ۽ محمد عباس جي 28 پوزيشن برقرار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.