نوجوانن لاءِ خوشخبري، وزيراعظم وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، هنر، روزگار ۽ ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ سال لاءِ نون منصوبن جي تجويزن بابت جائزي اجلاس ٿيو.
اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت نوجوانن کي تعليم، هنر، روزگار ۽ ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، نوجوانن کي آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.
هن چيو ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت يونيورسٽين ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم کي عالمي گهرجن پٽاندر بڻائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي پيش ڪن، وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن جي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت تي ڌيان ڏئي جنهن سان نوجوانن لاءِ ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ روزگار جا يقيني موقعا پيدا ٿين.
وزيراعظم نوجوانن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ مختلف آسان قرض اسڪيمن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي آڻڻ، گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوانن کي اليڪٽرڪ بائيڪس جي فراهمي لاءِ يوٿ پروگرام کي وزارت صنعت سان سهڪار جي هدايت ڪئي. شهباز شريف وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ اجلاس کي وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت جاري منصوبن جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس دوران اختيارين ٻڌايو ته ڊيجيٽل يوٿ هب جي ٺهڻ کان وٺي هينئر تائين 8 لک کان وڌيڪ نوجوان ۽ 2 هزار کان وڌيڪ ادارا رجسٽرڊ ٿيا جڏهن ته روزاني جي بنياد تي 4800 کان وڌيڪ درخواستون ملي رهيون آهن جن جي سخت ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ سندن شموليت يقيني بڻائي ويندي آهي.
اختيارين بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم يوٿ بزنس اينڊ ايگري لونز تحت هينئر تائين 2 لک 87 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي 122.5 ارب رپيا ڪاروبار ۽ زراعت لاءِ آسان شرطن تي قرض طور ڏنا ويا آهن جنهن جي ڪري 9 لک کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته قرض اسڪيم تحت ڏنل هر قرض بدلي 3 کان وڌيڪ نوان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ جي پهرين يوٿ اينڊ ايڊوليسينٽ پاليسي ۽ پهرين يوٿ روزگار پاليسي تيار ٿي چڪي آهي، اهڙي طرح ملڪ ۾ پهرين قومي يوٿ ڪائونسل جو قيام، وزيراعظم اسپورٽس اينڊ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام به شروع ٿيو آهي.
اسپورٽس اينڊ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام تحت هلندڙ سال 4 لک نوجوانن ان ۾ حصو ورتو جنهن ۾ ملڪ جي محروم ۽ وچولي طبقن جي نوجوانن کي ميرٽ تي پنهنجو هنر ڏيکارڻ جو موقعو مليو جنهن جو عملي مظهر هلندڙ سال پاڪستان سپر ليگ ۾ ان ئي پروگرام تحت اڀري سامهون ايندڙ ڪيترن ئي رانديگرن جي شموليت جي صورت ۾ ٿيو.
اجلاس کي يوٿ پروگرام تحت ملڪ ۾ مڪس مارشل آرٽس، فيفا ايرينا ۽ اي اسپورٽس جي قدمن سميت مختلف منصوبن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.