بيجنگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽن ڏينهن جي دوري تي چين جي راڄڌاني بيجنگ پهچي ويو آهي جتي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي.
بيجنگ پهچڻ تي چيني نائب صدر هان زينگ آمريڪي صدر جو آڌر ڀاءُ ڪيو، ان موقعي تي چين ۾ آمريڪي سفير، آمريڪا ۾ چيني سفير ۽ چين جو ايگزيڪيوٽو نائب پرڏيهي وزير ما زائوشو پڻ موجود هئا.
آمريڪي صدر جي آجيان لاءِ اٽڪل 300 چيني نوجوان به هوائي اڏي تي موجود هئا، جن هٿن ۾ آمريڪي ۽ چيني جهنڊا کنيل هئا.
ٽرمپ سان گڏ سندس سرڪاري جهاز ۾ آيل وفد ۾ سندس پٽ ايرڪ ٽرمپ، نُنهن لارا ٽرمپ ۽ ايلون مسڪ پڻ شامل هئا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پنهنجي دوري دوران آمريڪي صدر چيني هم منصب شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو.
بيجنگ روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته چيني صدر شي جن پنگ سان ايران جنگ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، هو چيني صدر سان ملاقات ۾ چين کي آمريڪي منڊين لاءِ کولڻ جو چوندو.