نئين تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته روزانو خوراڪ ۾ ٿوري گھٽتائي نه رڳو وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي پر دل جي صحت، بلڊ پريشر ۽ شُگر جهڙين بيمارين کي به ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي، جنهن سان پوڙهائپ سان ڳنڍيل بيمارين جو خطرو گهٽجي ويندو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جيئن ڪو ماڻهو روزانو جي ڪيلوريز جو رڳو 10 کان 15 سيڪڙو گهٽ ڪندو ته اثرائتي تبديلي ايندي.
ماهرن چيو ته جڏهن ماني ۾ گهٽتائي ايندي آهي ته جسم توانائي جو اثرائتو استعمال ڪندو آهي ۽ نقصانڪار ماليڪيولز گهٽ پيدا ڪندو آهي، جيڪي پوڙهائپ، ڪينسر ۽ پارڪنسز جهڙين بيمارين سان ڳنڍيل آهن.
واضح رهي ته هيءَ تحقيق صحت مند بالغ ماڻهن لاءِ محفوظ آهي، پر هر ڪنهن لاءِ نه. 65 سالن کان وڏي عمر، ڳورهاري عورت، ٻار ۽ گهٽ وزن ماڻهن کي پهريون ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.