ممبئي(ويب ڊيسڪ) هنداڻي کي گرم علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو گرمي کان بچڻ لاءِ کائيندا آهن. ان ڪري ئي ڀارت ۽ پاڪستان ۾ اهو پسنديدا ميوو سمجهيو ويندو آهي. خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت جي شهر ممبئي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 4 ڀاتين جو مبينا طور تي هنداڻي کائڻ کانپوءِ موت ٿيو جنهن سبب هنداڻي بابت خبرون وائرل ٿي رهيون آهن. گهر ڀاتين ۾ عبدالله ڊوڪاڊيا، سندس زال نسرين ۽ ٻه ڌيئر عائشا ۽ زينب شامل آهن.
رپورٽ موجب سندن اوچتي موت کانپوءِ فارينزڪ سائنس ليبارٽري جي رپورٽ سامهون آئي جنهن موجب زنڪ فاسفائيڊ نالي ڪيميڪل مرندڙن جي اندرين عضون مثال جگر، گڙدا ۽ تلي ۾ موجود هيو. هي ڪيميڪل زهريلو هوندو آهي جنهن کي عام ٻوليءَ ۾ ”ڪووئا مار“ دوا به چيو ويندو آهي.
رپورٽ موجب ممبئي جي ڊپٽي ڪمشنر آف پوليس پروين منڊي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته فارينزڪ رپورٽ مان چاڻ ملي آهي ته سمورين گهر ڀاتين جي ٽيسٽ ۾ زنڪ فاسفائيڊ سامهون آيو آهي. هن چيو ته ليبارٽري جي رپورٽ بعد وڌيڪ جاچ جاري آهي، ماهرن ۽ ڊاڪٽرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.