پيٽرول جي اصل لاڳت ڪيتري آهي؟ دنگ ڪندڙ انگ اکر سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ۽ توانائي کاتي جي سرڪاري انگن اکرن تي ٻڌل مائونٽين وينچرز جي تجزيي موجب، پاڪستان ۾ واهپيدار پيٽرول تي في ليٽر اٽڪل 145 رپيا ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن.
9 مئي 2026ع کان لاڳو قيمتن موجب، پيٽرول جي وڌ ۾ وڌ ڊيپو قيمت 414.78 رپيا في ليٽر آهي، جنهن مان 144.26 رپيا ٽيڪسز ۽ ليويز تي ٻڌل آهن.
پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي (پي ڊي ايل) جي مد ۾ 117.41 رپيا في ليٽر اُوڳاڙيا پيا وڃن، جڏهن ته ڪسٽمز ڊيوٽي 24.35 رپيا ۽ ڪلائيميٽ سپورٽ ليوي 2.50 رپيا في ليٽر آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ٽيڪسز 76.16 رپيا في ليٽر آهن.
انگن اکرن مان پيٽرول ۽ ڊيزل جي وچ ۾ ٽيڪس جي ٻوجهه ۾ وڏو فرق واضح آهي، پيٽرول تي ڊيزل جي ڀيٽ ۾ اٽڪل ٻيڻو ٽيڪس لڳايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.