ملڪ ۾ سون سوين رپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ اڄ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 1100 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 91 هزار 362 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 943 رپيا لاٿ بعد 4 لک 21 هزار 263 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جو اگهه 11 ڊالر گهٽجي 4690 ڊالر ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.