اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ سبب پيدا ٿيندڙ خطرن ۽ ان جي اثرن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اهم ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سان مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، پاڪستاني سفيرن جي مني ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿيندي، جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ مقرر سفيرن کي شرڪت لاءِ گهرايو ويو آهي، ان کانسواءِ آمريڪا، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، ڪويت، قطر، عمان ۽ اردن ۾ مقرر پاڪستاني سفير پڻ شرڪت ڪندا.
هن ڪانفرنس جو مقصد خطي جي موجودا صورتحال ۾ ملڪي مفادن جو ڀرپور تحفظ ڪرڻ آهي، اجلاس ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙ واري ڪردار بابت ايندڙ حڪمت عملي جو جائزو پڻ ورتو ويندو.
You might also like