منشيات ڪيس ۾ گرفتار پنڪي کي عدالت ۾ شاهاڻو پروٽوڪول

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ منشيات ۽ غير قانوني هٿيارن جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ملزمه انمول عرف پنڪي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت کيس عدالتي ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو۔سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جوابدار عورت  کي پروٽوڪول ڏيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي۔سنڌ جي ناڻي واري وزير واقعي جي شفاف جاچ جو حڪم ڏيندي سوال ڪيو ته ملزمه کي پروٽوڪول ڪيئن ڏنو ويو؟ ذميوار اهلڪار وضاحت پيش ڪن۔ هن ملزمه کي پروٽوڪول فراهم ڪندڙ اهلڪارن خلاف فوري ڪارروائي جو به حڪم ڏنو۔ضياءُ لنجار چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ساک متاثر ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالتن ۾ ملزمن کي غير ضروري پروٽوڪول ڏيڻ انصاف جي تقاضائن جي ابتڙ آهي، سنڌ حڪومت قانون جي بالادستي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي۔هوڏانهن آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو به ملزمه پنڪي جي پيشي دوران ايس او پيز ۽ قاعدن جي  ڀڃڪڙي جو سخت نوٽيس ورتو آهي۔پوليس ترجمان موجب ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي واقعي بابت تفصيلي ابتدائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته غفلت ۽ ڪوتاهي ڪندڙ جاچ آفيسر ۽ عملي کي فوري طور معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔ واقعي جي شفاف جاچ لاءِ سينيئر آفيسر تي ٻڌل جاچ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي۔آءِ جي سنڌ چيو ته ايڊيشنل آءِ جي پاڻ جاچ جي نگراني ڪندو، جڏهن ته ملوث اهلڪارن خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪميٽي جلد ذميوارن جو تعين يقيني بڻائيندي۔ڪراچي پوليس چيف آزاد خان به ملزمه کي هٿڪڙيون لڳائڻ کانسواءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو۔ ياد رهي ته گارڊن پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات وڪرو ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪيو هو۔ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ملزمه انمول عرف پنڪي وٽان پسٽل، ڪروڙين رپين ماليت جي ڪوڪين، ڪيميائي مادا ۽ ٻيون نشي آور شيون هٿ ڪيون ويون۔

پنڪي جي ڪوڪين مان ماهوار ڪروڙين رپيا ڪمائي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)انمول عرف پنڪي ماڊل ٿيڻ جي چڪر ۾ گهران 14 سالن جي عمر ۾ نڪتي،پنڪي پارٽين ۾ وڃڻ لڳي اتي هن منشيات جو استعمال شروع ڪيو، هن هڪ منشيات فروش وڪيل  سان  شادي ڪئي،جيڪو هڪ ڪوڪين جي عالمي گروپ سان شادي ڪندو هو،بعد ۾ هن وڪيل کان طلاق وٺي ڇڏي،بعد ۾ هن هڪ پوليس آفيسر سان شادي ڪئي،پنڪي کي 5 سال اڳ پنجاب پوليس پڪڙيو هو،7 ڪروڙ رپيا وٺي کيس آزاد ڪيو ويو،لاهور کان منشيات ڪراچي آندي ويندي هئي،رائيڊر اسٽيشن کان ڊيلر تائين پهچائيندا هئا،انمول پنڪي گلگت ۾ هوٽل به کولي رکيو آهي،انمول ڪوڪين ٺاهڻ انٽرنيٽ تان سکيو ۽ ڪجه وقت کانپوءِ پنهنجو برانڊ(پنڪي) بڻائي ڇڏيو،هن پنهنجي ٽن ڀائرن سان گڏ ڪراچي ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ ٺاهيو،هوءَ ڪوڪين مان ماهوار ڪروڙين رپيا ڪمائي ٿي،پوليس کي ڪروڙين رپين جي منٿلي ڏيندي آهي

پنڪي کي پروٽوڪول،شيما ڪرماني کي ڌڪا،ڪراچي پوليس جي ٻٽي معيار تي تنقيد

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي جي ڪوڪين ڪوئين انمول عرف پنڪي کي پروٽوڪول معاملي تي سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل آهي،شاهد حسين لکيو ته  عدالت جو هي منظر سٺو آهي، ماڻهن کي سمجهه  ايندي ته امير ۽ غريب لاءِ الڳ قانون آهي،صحافي وسيم بادامي چيو ته  ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ برابر ناهي امير ۽ اثر رسوخ وارن لاءِ الڳ رويا آهن ۽ عام ماڻهن لاءِ الڳ ڊاڪٽر شمع جوڻيجو لکيو ته  هي ملڪ ئي “پنڪين، گوگين ۽ جنرل راڻين” لاءِ ٺهيل آهي!هي به سڄي نظام تي لعنت وجهي آزاد ٿي ويندي. ۽ اڄ جيل ۾ مڪمل عياشي واري پروٽوڪول سان نيٽ فلڪس ڏسي رهي هوندي،هن لکيو ته اهڙي نظام کي رد ڪريون ٿا، جتي بزرگ عورت شيما ڪرماني کي عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي ڌڪا ڏئي پوليس گاڏي ۾ وڌو وڃي ٿو،۽ هڪ منشيات واري عورت کي بنا هٿڪڙين پروٽوڪول سان عزت ڏني وڃي ٿي. اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟محمد عمير لکيو ته سياسي ورڪرن کي ڪڏهن چهري تي ٿيلهو وجهي، ڪارو ڪپڙو پارائي ۽ هٿڪڙيون لڳائي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ٻي پاسي هن منشيات فروش عورت کي اهڙي انداز ۾ آندو پيو وڃي ڄڻ هوءَ ڪا اعزازي مهمان هجي،اظهر خان لکيو ته جيڪڏهن هي آڊيو صحيح آهي ته اهو قانون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي چهري تي هڪ زوردار چماٽ آهي.جيڪڏهن اهو پنجاب ۾ ٿيو هجي ها ته اهو سڌو سي سي ڊي جو ڪيس بڻجي وڃي ها.شاهد حسين لکيو ته ملڪ جي اشرافيه کي منشيات فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار عورت انمول عرف پنڪي کي عدالت ۾ انوکي انداز ۾ پيش ڪيو ويو.هوءَ عدالت ۾ بنا هٿڪڙين هلندي نظر آئي، جڏهن ته پوليس اهلڪار رستو ڏيکاريندو رهيو.عدالت جسماني ريمانڊ جي درخواست رد ڪري کيس جوڊيشل ڪسٽڊي ۾ موڪلي ڇڏيومتحده اڳواڻ فاروق ستار چيو ته اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته منشيات سپلائر عورت کي پروٽوڪول سان عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. هي صورتحال بيحسي کي ظاهر ڪري ٿي.عامر قريشي لکيو ته قانون جي بالادستي جو جيڪو راڳ الاپيو وڃي ٿو، ان جي حقيقت رڳو تقريرن ۽ ڪاغذن تائين محدود آهي.ڪوڪين ڪوئين کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ بنا هٿڪڙين جي عدالت ۾ پيش ڪرڻ سڄي نظام جي حقيقت کولي ڇڏي ٿو.امبر دانش لکيو ته اسان جي ملڪ ۾ ٻه نظام آهن هڪ امير ۽ بااثر ماڻهن لاءِ، ۽ ٻيو عام انسان لاءِ. هي تصويرون اهڙي قانون تي هڪ چماٽ کان گهٽ ناهن.ظهير احمد ڪاهلون لکيو ته جيڪڏهن هي عورت اربين جي منشيات جو ڪاروبار ڪري ٿي ۽ وڏو نيٽ ورڪ هلائي ٿي ته ان جو جسماني ريمانڊ ڇو نه ٿيو؟جڏهن ته هڪ ٽوئيٽ تي به ماڻهن کي مهينن تائين ريمانڊ تي رکيو وڃي ٿو.،عظميٰ ناصر لکيو ته عدالتن ۾ هڪ ٻي “پنڪي” کي بنا هٿڪڙين گهمندي ڏسي لڳي ٿو ته قانون به انهن ئي ماڻهن جي هٿن ۾ يرغمال آهي. ڪهڪشان بخاري لکيو ته ڇا توهان واقعي سمجهو ٿا ته هي رڳو پروٽوڪول جو معاملو آهي؟اهي مافيا اهڙن ئي آفيسرن جي ڇپر هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن.چاهي ڪو سڌي طرح ملوث هجي يا نه، پوليس اندر سخت جاچ ٿيڻ گهرجي.ڪراچي جا ماڻهو پنهنجا ٻار ۽ امن وڃائي رهيا آهن

انمول عرف پنڪي جو سڄي ڪراچي ۾ منشيات آن لائن هلائڻ جو نيٽ ورڪ

ڪراچي(رپورٽر)گارڊن پوليس موجب جاچ دوران اهو انڪشاف ٿيو آهي ته انمول عرف پنڪي انتهائي منظم طريقي سان پنهنجو ڪاروبار هلائي رهي هئي۔ جوابدار عورت سڄي شهر ۾ منشيات جي وڪري ۽ فراهمي جو نيٽ ورڪ آن لائين هلائي رهي هئي، جڏهن ته آرڊرن جي پهچائڻ لاءِ مخصوص رائيڊرن کي استعمال ڪيو ويندو هو۔پوليس موجب هن نيٽ ورڪ جي حيران  ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ عورت رائيڊرن کي به پنهنجي ٽولي ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو، ته جيئن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نظرن کان لڪل رهي سگهجي۔پوليس جي وڌيڪ ڪارروائي بابت گارڊن پوليس چيو آهي ته جوابدار کان جاچ جاري آهي، جنهن دوران سندس نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل ٻين ساٿين ۽ خريد ڪندڙن بابت اهم ڄاڻ ملڻ جي اميد آهي۔ پوليس اهو به معلوم ڪري رهي آهي ته ملزمه کي ايتري وڏي مقدار ۾ مهانگي منشيات ڪٿان فراهم ڪئي ويندي هئي۔

ڊرگ لارڊ عورت کي پروٽوڪول ڏيڻ تي 3 پوليس آفيسر معطل

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ منشيات هٿ اچڻ ۽ غيرقانوني هٿيارن واري ڪيس ۾ گرفتار ملزمه انمول عرف پنڪي کي پروٽوڪول ڏيڻ واري معاملي تي 3 پوليس آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي.ايس ايچ او گارڊن حنيف سيال ۽ آءِ او سعيد احمد کي معطل ڪيو ويو، جڏهن ته ايس آءِ يو انسپيڪٽر ظفر اقبال کي به عهدي تان هٽايو ويو آهي. واقعي جي جاچ ايس ايس پي سائوٿ حوالي ڪئي وئي آهي.منشيات ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي گرفتاري کان اڳ پوليس کي چئلينج ڪرڻ واري مبينا آڊيو به سامهون آئي آهي.ياد رهي ته ڪراچي ۾ گارڊن پوليس اڄ ڪامياب ڪارروائي ڪندي هڪ منشيات فروش عورت کي گرفتار ڪيو هو.

پنڪي جي ڪراچي پوليس کي چئلينج ڪرڻ جي آڊيو وائرل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) منشيات ڪيس ۾ گرفتار ملزمه انمول عرف پنڪي جي ليڪ ٿيل مبينا آڊيو منظرعام تي اچي  وئي آهي۔آڊيو ۾ ملزمه انمول چوندي ٻڌي وڃي ٿي ته “توهان ماڻهن جي عقل گوڏن ۾ آهي، اٺ نَوَ سالن کان منهنجي پٺيان لڳا پيا آهيو، رٽائرڊ ٿي وڃو ٿا پر مون کي پڪڙي نٿا سگهو، انمول چيو ته “جنهن ڏينهن اوهان دماغ سان سوچڻ شروع ڪندا، پنڪي وانگر برانڊ بڻجي ويندا، خبر ناهي ڪٿان اچي چون ٿا ته پنڪي کي پڪڙينداسين۔”آڊيو ۾ ملزمه اهو به چوي ٿي ته هو سڄي ڪراچي ۾ ڪم ڪري رهي آهي ۽ “اسان سڄي ڪراچي ۾ ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن طاقت اٿوَ ته پڪڙي وٺو۔”ياد رهي ته ڪراچي ۾ گارڊن پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات فروشي ۾ ملوث عورت کي گرفتار ڪيو هو۔پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ملزمه انمول عرف پنڪي وٽان پسٽل، ڪروڙين رپين ماليت جي ڪوڪين، ڪيميائي مادا ۽ ٻيون نشي آور شيون هٿ ڪيون ويون۔پوليس موجب انتهائي گهربل ۽ ڏهن مقدمن ۾ مفرور ملزمه شهر ۾ منشيات جي فراهمي ۽ وڪري جو نيٽ ورڪ هلائي رهي هئي،ملزمه آن لائين ذريعي مخصوص رائيڊرن وسيلي منشيات پهچائيندي هئي، جڏهن ته عورت رائيڊرن کي به استعمال ڪيو ويندو هو۔

پنڪي تي مختلف ٿاڻن تي 10 ڪيس داخل ٿيل

ڪراچي ( رپورٽر ) انمول عرف پنڪي کي گذريل ڏينهن گارڊن واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو هو. جوابدار خلاف مختلف  ٿاڻن تي 10 ڪيس داخل آهن. پوليس زريعن موجب موجب انمول عرف پنڪي 300 گرام ڪوڪين مان هڪ ڪلو ڪوڪين تيار ڪندي هئي۔ هڪ ڪوڪين جي انڊي جي قيمت 8 لک رپين کان وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي، جڏهن ته هوءَ پاڪستان جي سڀ کان مهانگي ڪوڪين پاڻ تيار ڪندي هئي۔ عام ڪوڪين 8 کان 10 هزار رپيا في گرام ۾ ملي ٿي، جڏهن ته انمول وائيٽ ڪوڪ 25 هزار ۽ گولڊن ڪوڪ 40 هزار رپين ۾ وڪرو ڪندي هئي. پوليس موجب پنهنجي ليبارٽري ۾ ڪوڪين تيار ڪرڻ بعد انمول پنڪي پهرين پاڻ ان جو تجربو ڪندي هئي۔ جاچ دوران هن اهم انڪشاف پڻ ڪيا آهن۔ صرف ڪراچي ۾ پنڪي جا 8 هزار کان وڌيڪ گراهڪ موجود هئا، جڏهن ته هوءَ پوليس سميت ٻين ادارن جي ملازمن سان به رابطي ۾ هئي۔ گرفتار جوابدار عورت ڪراچي ۾ سپلاءِ لاءِ 4 رائيڊر به رکيا هئا۔ هر رائيڊر کي ماهوار پگهار ۽ ڪرائي تي گهر پڻ پنڪي طرفان ڏنو ويندو هو، جڏهن ته هزارين گراهڪن سان انمول پنڪي پاڻ سڌي رابطي ۾ رهندي هئي۔ خاتون منشيات فراهم ڪندڙ کي روڊن تي پئسا ورهائڻ جي به عادت هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ئي ڏينهن ۾ 40 کان 50 لک رپيا به ورهائي ڇڏيندي هئي۔

ڪراچي تي مافيائن جو راڄ،پنڪي تي ڪنهن جو ”هٿ “آهي؟

لاهور(امداد سومرو) ڪراچي ۾  ڪجهه اهڙا منظر ڏسڻ ۾ آيا آهن جن کان پوءِ لڳي ٿو ته واقعي ڪراچي تي مافيائن جو راڄ آهي. ڪجهه ذريعن طرفان ٻڌايو ويو ته هاڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪراچي مان مافيا جو  ڪنٽرول ختم ڪيو ويندو، خاص طور تي منشيات واري مافيا خلاف هاڻ سخت ڪارروائي جو فيصلو ٿي چڪو آهي.پر جيڪي وڊيوز سامهون آيون آهن اهي ڪجهه ٻيو ئي ظاهر ڪن ٿيون. يعني ڪراچي جي عدالت ۾ هڪ عورت جي پيشي جا منظر، جيڪا پاڻ کي “ڊان” سڏائي ٿي، جيڪا ڪراچي کان لاهور تائين ڪوڪين، آئيس، ڪرسٽل ۽ مختلف قسم جون منشيات فراهم ڪري ٿي. ان جو ٽارگيٽ نوجوان طبقو، يونيورسٽيون ۽ ڪاليجن جا شاگرد آهن، خاص طور تي امير علائقن جا ٻار.انمول عرف پنڪي، جنهن کي منشيات جي دنيا ۾ “ڪوڪين ڪوئين” چيو وڃي ٿو، ان جي ڊرگ جي پيڪٽن تي به “ڪوڪين ڪوئين پنڪي” لکيل هوندو آهي. اها عورت هاڻ ڊرگ مافيا جي هڪ وڏي ڊان بڻجي چڪي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته کيس گارڊن واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو، پر ڪجهه صحافين ۽ ذريعن مطابق کيس لاهور مان گرفتار ڪيو ويو، ۽ هن آپريشن ۾ صرف پوليس نه پر هڪ ٻيو حساس سول ادارو به شامل هو، ڇو ته فيصلو ڪيو ويو هو ته هن نيٽ ورڪ تي هٿ وڌو وڃي.ڪجهه ڏينهن اڳ لياقت آباد ۽ ٻين علائقن ۾ به واقعا ٿيا هئا ۽ پوءِ هن جو نيٽ ورڪ ڊفينس ۽ ڪلفٽن جهڙن پوش علائقن تائين پهچي چڪو هو. ڊگهي عرصي کان اهو نيٽ ورڪ هلي رهيو هو، پر هاڻ ان تي ڌيان ڏنو ويو.عدالت ۾ پيشي دوران جيڪي منظر سامهون آيا، انهن سڀني دعوائن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو. عورت کي پوليس گاڏي مان لاهي عدالت آندو ويو، هوءَ عام ڪپڙن ۾ هئي، منهن تي نقاب ۽ چشما لڳل هئا، هٿ ۾ پاڻي جي بوتل هئي، ۽ هوءَ اعتماد سان هلندي آئي.پوليس آفيسر سندس پويان فاصلي تي هلندو رهيو، ۽ عورت پوليس اهلڪارن سان گڏ اهڙي ريت پيش ٿي ڄڻ ڪو عام ملزم نه پر ڪو خاص مهمان هجي. اهم ڳالهه اها هئي ته عورت پوليس اهلڪار موجود نه هيون جيڪي عام طور عورت جوابدار سان گڏ هونديون آهن.پوليس ذريعن مطابق هي عورت نه صرف ڪراچي پر سڄي پاڪستان ۾ منشيات جو وڏو نيٽ ورڪ هلائي رهي هئي، ۽ نوجوان نسل کي خاص طور نشانو بڻائي رهي هئي.عدالت ۾ پوليس جي پيش ڪيل رپورٽ مطابق رڳو محدود مقدار ۾ منشيات ظاهر ڪئي وئي، جڏهن ته وڏو حصو غائب ٻڌايو پيو وڃي، جنهن سبب شڪ پيدا ٿي رهيو آهي ته شايد ڪو هن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.جڏهن صورتحال جو جائزو ورتو ويو ته اهو احساس ٿيو ته يا ته حڪومت اندر کان ڪو تحفظ ڏئي رهيو آهي يا وري اهڙي طاقت موجود آهي جيڪا حڪومت کان به وڌيڪ اثرائتي آهي، نه ته اهڙو رويو ممڪن نه هو.هاڻي سوال اهو آهي ته هي عورت ڪير آهي؟ ٻڌايو وڃي ٿو ته هوءَ پنجاب سان تعلق رکي ٿي، پر گذريل 15 کان 20 سالن کان ڪراچي ۾ سرگرم آهي. اڳ ۾ هوءَ هڪ علائقي ۾ رهندي هئي، پوءِ آهستي آهستي هن پنهنجو نيٽ ورڪ وڌايو، ۽ هاڻ اهو سڄي شهر ۾ پکڙيل آهي، خاص طور تعليمي ادارن ۽ پوش علائقن ۾.گرفتاري کان پوءِ هن ڪيترن بااثر ماڻهن جا نالا به ورتا آهن، جنهن کان پوءِ خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته شايد هي معاملو به ڪنهن وڏي اسڪينڊل جي صورت اختيار ڪري.پوليس ذريعن مطابق جيڪڏهن هن جا بيان صحيح ثابت ٿين ٿا ته اهو هڪ وڏو نيٽ ورڪ ظاهر ڪندو، جنهن ۾ مختلف بااثر شخصيتون شامل ٿي سگهن ٿيون.ڪجهه پوليس آفيسرن مطابق منشيات خلاف ڪارروائي لاءِ حڪم ڏنا ويا آهن، پر جيڪڏهن اندروني طور ماڻهو ملوث هجن ته اهڙيون ڪارروائيون مڪمل طور ڪامياب نٿيون ٿي سگهن.هاڻي سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن سماجي ۽ سياسي طور بااثر ماڻهن کي اهڙي ريت پروٽوڪول ڏنو وڃي ۽ عام ملزمن سان مختلف سلوڪ ڪيو وڃي ته پوءِ قانون جي حڪمراني ڪٿي آهي؟جيڪڏهن شيما ڪرماني جهڙي سماجي ڪارڪن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ هڪ منشيات جي جوابدار عورت کي اهڙو پروٽوڪول ڏنو وڃي ته اهو نظام تي وڏو سوال آهي.هاڻي سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڪراچي ۾ اصل حڪم ڪير هلائي رهيو آهي؟ جيڪڏهن مافيا گرفتار ٿئي ٿي پر اهڙي عزت سان پيش ڪئي وڃي ته پوءِ اصل طاقت ڪٿي آهي؟سنڌ پوليس طرفان ڪجهه آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پر اصل نيٽ ورڪ تائين پهچڻ ضروري آهي.جيڪڏهن هي عورت واقعي وڏو نيٽ ورڪ هلائي رهي هئي ته پوءِ جاچ مڪمل ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي.آخر ۾ اهو ئي سوال رهجي وڃي ٿو ته ڇا ڪراچي واقعي منشيات مافيا جي قبضي ۾ آهي يا نظام اندر ئي ڪا ڪمزوري موجود آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.