نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) جرمن ماڊل، انفلوئنسر ۽ ڳائڻي لزلاز دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ اسٽار ويرات ڪوهلي بابت تازو ئي سوشل ميڊيا تي پيدا ٿيندڙ تڪرار کانپوءِ ڪجهه صحافين کيس ڪرڪيٽر خلاف ناڪاري ۽ ڪوڙيون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پئسن جي آڇ ڪئي هئي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، هڪ انٽرويو دوران لزلاز انڪشاف ڪيو آهي ته مختلف ميڊيا ادارن طرفان ساڻس رابطو ڪيو ويو ۽ ڪوهلي خلاف غلط الزام لڳائڻ جي بدلي جهجهي رقم ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر هن اها آڇ سختيءَ سان رد ڪري ڇڏي.
هن چيو ته ويرات ڪوهلي منهنجو پسنديده ڪرڪيٽر آهي ۽ مان ڪنهن به صورت ۾ رڳو پئسن يا شهرت لاءِ ڪرڪيٽر جي ساک کي نقصان نه رسائينديس.
واضح رهي ته هي تڪرار ان وقت شروع ٿيو هو جڏهن ويرات ڪوهلي جي انسٽاگرام اڪائونٽ تان لزلاز جي هڪ پوسٽ کي لائيڪ ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ان معاملي تي سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي ويو هو.