” آبناءِ هرمز کي نار ملڪن تي دٻاءُ وجهڻ، بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي“ قطر جو ايران کي چتاءُ

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر ايران کي خبردار ڪيو آهي ته هو آبناءِ هرمز کي نار ملڪن تي دٻاءُ وجهڻ يا کين بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪري.
قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان آل ثاني اڱاري ڏينهن دوحا ۾ ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان گڏيل طور پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ”ايران کي گهرجي ته هو آبناءِ هرمز کي نار وارن ملڪن تي دٻاءُ وجهڻ يا کين دٻاءُ ۾ آڻڻ جو ذريعو نه بڻائي. “
هن چيو ته ”ٻه ڏينهن اڳ منهنجو آمريڪا جو دورو ٿيو هو جنهن جو بنيادي محور پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي حمايت هئي ته جيئن انهن ڪوششن جو هاڪاري جواب ڏنو وڃي ۽ جلد کان جلد ڪنهن حل تائين پهچي سگهجي. “
سندس چوڻ هوته ” ان سان گڏوگڏ آمريڪي اختيارين کي ان حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو ته جنگ خطي تي ڪهڙا ناڪاري اثر وڌا آهن ۽ ان جو وڌڻ نه خطي ۽ نه ئي دنيا جي مفاد ۾ آهي. “
ٻئي پاسي ترڪ پرڏيهي وزير هاڪان فيدان چيو ته ”انقره آبناءِ هرمز کي ٻيهر کولڻ جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو ۽ ان اهم ترين تجارتي آبي لنگهه کي ايران تڪرار دوران ’هٿيار‘ طور استعمال نه ڪيو وڃي. “
هن وڌيڪ چيو ته ”ترڪي اهڙين سفارتي ڪوششن ۾ حصو وٺي رهيو آهي جن جي قيادت پاڪستان ڪري رهيو آهي ته جيئن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري جنگ جو ڳالهين ذريعي خاتمو ممڪن بڻائي سگهجي. “

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.