نور خان ايئر بيس تي ايراني جهازن جي موجودگي؟ پاڪستان جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ نور خان ايئر بيس تي ايراني جهازن جي موجودگي بابت سي بي ايس نيوز جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي.
پرڏيهي کاتي موجب، سي بي ايس نيوز جي رپورٽ کي گمراهه ڪندڙ ۽ سنسني خيز قرار ڏيندي چيو ته اهڙي افواهن تي ٻڌل بيان جو مقصد علائقائي استحڪام ۽ امن لاءِ جاري ڪوششن کي نقصان پهچائڻ آهي.
پرڏيهي کاتي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جنگبندي کانپوءِ ۽ اسلام آباد ڳالهين جي شروعاتي مرحلي دوران، ايران-آمريڪا جا ڪيترائي جهاز پاڪستان پهتا ته جيئن سفارتي عملي، سيڪيورٽي ٽيمن ۽ ڳالهين واري عمل جي عملدارن جي اچ وڃ کي آسان بڻائي سگهجي. پرڏيهي کاتي موجب، ڪجهه جهاز ۽ مددگار عملو ڳالهين جي ايندڙ دور جي اميد ۾ پاڪستان ۾ ئي موجود رهيو.
جيتوڻيڪ باضابطا ڳالهيون اڃا ٻيهر شروع ناهن ٿيون، پر اعليٰ سطح جا سفارتي رابطا جاري آهن. ان حوالي سان ايراني پرڏيهي وزير جي اسلام آباد جي دورن کي موجودا انتظامي ۽ لاجسٽڪ سهولتن ذريعي ممڪن بڻايو ويو.
پاڪستان ۾ موجود ايراني جهاز جنگبندي دوران آيو هو ۽ ان جو ڪنهن به فوجي هنگامي صورتحال يا حفاظتي انتظامن سان ڪو به تعلق ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.