باوردي صدر لاءِ آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ٿيندي؟

اسلام آباد (سعيد بلوچ) اسٽيبلشمينٽ طرفان هڪ نئون منصوبو سامهون آيو آهي، جنهن تحت ملڪ جي سياسي ۽ آئيني نظام ۾ وڏيون تبديليون ڪرڻ جي تياري ٿي رهي آهي۔ تجزيي موجب آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪري “باوردی صدر” جي نئين منصب لاءِ رستو هموار ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ذريعن موجب موجوده صدر آصف علي زرداري کي عهدي تان هٽائڻ يا سندس اختيار محدود ڪرڻ بابت به منصوبا ردش ۾ آهن، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جي مبينا خواهش آهي ته مستقبل ۾ فوجي قيادت مان ڪو اعليٰ عهديدار صدر بڻايو وڃي، 28هين آئيني ترميم ذريعي ملڪ ۾ انتظامي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت صوبن جو نظام گهٽ ڪري “ون يونٽ” جهڙي انتظامي نظام ڏانهن وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔ ملڪ ۾ 38 ڊويزنن کي بنياد بڻائي گورنر مقرر ڪرڻ جو منصوبو به ٻڌايو ويو آهي۔ اسٽيبلشمينٽ جي نظر ۾ 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جهڙا مالي اختيار صوبن کي ڏيڻ وارو نظام وفاق لاءِ مالي مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري انهن اختيارن کي ٻيهر وفاق ڏانهن واپس ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي۔جڏهن ته  آئين جي ڪيترن آرٽيڪلن ۾ ترميم ضروري هوندي، جن ۾ آرٽيڪل 1، 51، 59، 106 ۽ 175 شامل آهن، جنهن سان گڏ هاءِ ڪورٽن ۽ عدالتي ڍانچي ۾ به تبديليون اچي سگهن ٿيون۔تجزيي موجب جيڪڏهن 28هين ترميم منظور ٿي وڃي ته پوءِ نون صوبن جو قيام، نئون بجيٽ نظام ۽ اين ايف سي فارمولا مڪمل طور تبديل ٿي سگهي ٿو، جنهن سان وفاق جي مالي طاقت وڌڻ جو امڪان آهي۔ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جو اهم اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ عمران خان جي هدايتن کان هٽي ڪجهه فيصلا ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، جنهن کي سياسي مبصر “مائنس عمران خان” واري حڪمت عملي سان جوڙي ڏسي رهيا آهن۔تجزيي موجب پي ٽي آءِ جي ڪجهه قيادت پارلياماني ڪميٽين ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ چاهي ٿي، جڏهن ته عمران خان اڳ ۾ انهن کان استعيفائن جو حڪم ڏنو هو۔پروگرام ۾ اهو به چيو ويو ته عمران خان کي سياسي طور ڪمزور ڪرڻ ۽ کيس اڪيلي ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 12 مئي  2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.