ايران مٿان مڙهيل جنگ ۾ گڏيل عرب عمارتن آمريڪا ۽ اسرائيل جو ساٿ ڏنو؟ وال اسٽريٽ جي رپورٽ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رسالي وال اسٽريٽ جرنل جي تازي رپورٽ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ دوران گڏيل عرب امارتن (يو اَي اِي) ڳجهي نموني ايران تي حملا ڪيا.
وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب، گڏيل عرب امارتن جنگ دوران ايران جي لاوان ٻيٽ تي قائم آئل ريفائنري کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ اتي خوفناڪ باهه لڳي وئي ۽ ريفائنري عارضي طور تي بند ٿي وئي.
رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته اهو حملو اپريل جي شروع ۾ ان وقت ڪيو ويو جڏهن آمريڪي صدر ٽرمپ ايران سان جنگ بندي جو اعلان ڪرڻ وارو هو.
اخبار موجب، هڪ ذريعي جو چوڻ هو ته آمريڪا خاموشيءَ سان جنگ ۾ يو اي اي جي شامل ٿيڻ جي آجيان ڪئي.
وال اسٽريٽ جرنل موجب، ايران انهن حملن تي جوابي ڪارروائي ڪندي يو اي اي ۽ ڪويت تي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونن سان حملا ڪيا.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ايران ڪنهن به ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 2800 حملا يو اي اي تي ڪيا، جيڪي اسرائيل تي ڪيل حملن کان به وڌيڪ آهن.
ذريعن موجب، انهن حملن سبب يو اي اي جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو، ملازمن کي ڪڍڻ ۽ جبري موڪلن ۾ واڌارو ٿيو، جڏهن ته ملڪ جي سيڪيورٽي حڪمت عملي ۾ به بنيادي تبديلي آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.