سجاول جوڻيجو ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ناري قتل، نوجوان زخمي

سجاول جوڻيجو (رپورٽ: وحيد علي مگسي) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڪارنهن جي الزام ھيٺ ناري کي قتل ڪيو ويو، نوجوان زخمي ٿي پيو، ڳوٺ زمان بروھي ۾ جوابدار پنج ٻارن جي ماءُ امينا بروھي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، ناري کي قتل ڪرڻ کان پوءِ جوابدار نادر بروھي کي  گوليون ھڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ۽ زخمي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ميروخان اسپتال منتقل ڪيوجتان زخمي کي طبي علاج لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو ۽  لاش کي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.