گهوٽڪي واسي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڌيءَ جي تدفين لاءِ ويندڙ پيءُ کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪندڙ ڦورو پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيڻ بعد گرفتار ٿي ويو،  سپر هاءِ وي پنجاب بس اڏي ڀرسان ڦر جي واردات دوران مزاحمت تي ڌيءَ جي تدفين لاءِ ويندڙ گهوٽڪي واسي منصور احمد شيخ کي قتل ۽  سندس ڀاءُ کي زخمي ڪندڙ جوابدار کي پوليس مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، سچل ٿاڻي جي حد اسڪيم 33 سڪندر ڳوٺ ڀرسان پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ صهيب ولد رحمان علي طور ڪئي وئي، ايس ايس پي زبير نذير شيخ موجب افسوسناڪ واقعي بعد ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس پي سهراب ڳوٺ جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي هئي، هڪ جوابدار گرفتار ٿيو آهي، سندس ساٿي فرار ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.