ڍاڪا ٽيسٽ: مومن ۽ شانتو جون ففٽيون، بنگلاديش چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تي ٽن وڪيٽن تي 152 رنسون ٺاهي ورتيون

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين بنگلاديش ٻي اننگز ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنسون ٺاهي پاڪستان خلاف 179 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
ڍاڪا ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن بنگلاديشي اوپنرن پنهنجي ٻي اڻپوري اننگز جي شروعات ڪئي، بنگلاديش جي پهرين وڪيٽ 15 رنسن جي مجموعي اسڪور تي اوپنر محمود الحسن جي صورت ۾ ڪِري جنهن کي محمد عباس پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته ٻي وڪيٽ 23 رنسن تي ڪري پئي، جڏهن شادمان اسلام 10 رنسون ٺاهي حسن علي جو شڪار بڻيو.
هڪ ڀيرو ٻيهر مومن الحق ۽ ڪپتان نجم الحسين شانتو ٽين وڪيٽ تي 105 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري پنهنجي ٽيم کي مقابلي جي پوزيشن ۾ آڻي بيهاريو.
مومن الحق پهرين اننگز جيان ٻي اننگز ۾ به ففٽي اسڪور ڪئي کيس 56 رنسن جي انفرادي اسڪور تي شاهين شاهه آئوٽ ڪيو، پهرين اننگز جي سينچورين ڪپتان نجم الحسن ٻي اننگز ۾ به ففٽي ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
چوٿين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين نجم الحسن 58 ۽ مشفق الرحيم 16 رنسن تي ناٽ آئوٽ هئا، برسات سبب چوٿين ڏينهن راند پڻ متاثر ٿي.

پهرين اننگز جي صورتحال
واضح رهي ته پهرين اننگز ۾ بنگلاديش جي ٽيم 413 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.
نجم الحسين شانتو 101، مومن الحق 91 ۽ مشفق الرحيم 71 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پاڪستان جي محمد عباس 5 ۽ شاهين آفريدي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته نعمان علي ۽ حسن علي هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.

پاڪستان جي پهرين اننگز
قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 386 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ڪري بنگلاديش کي پهرين اننگز ۾ 27 رنسن جي ليڊ ملي وئي.
پهرين ميچ کيڏندڙ اذان اويس شاندار 103 رنسن جي اننگز کيڏي، عبدالله فضل 60، محمد رضوان 59 ۽ سلمان علي آغا 58 رنسن سان نمايان رهيا، امام الحق 45 ۽ شاهين آفريدي 13 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش طرفان مهدي حسن ميراز زبردست بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته تسڪين احمد ۽ تيجل اسلام 2، 2 شڪار ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.