ڪامياب فلمن کانپوءِ به ڪم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي رهي: ڪيارا آڏواڻي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪيارا آڏواڻي اعتراف ڪيو اهي ته فلم ”ايم ايس ڌوني“ ۽ ”ڪبير سنگهه“ جهڙين ڪامياب فلمن کانپوءِ به کيس ڪردار حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻوپيوآهي.

ڀارتي رپورٽس موجب ڪيارا آڏواڻي ٻڌايو ته اصل ڊيبيو 2014 جي فلم فگلي سان ڪيو هو، پر اها فلم باڪس آفيس تي ناڪام وئي. جڏهن ته تنقيدي ماهرن به ڪيارا جي اداڪاريءَ کي ساراهيو پر تعريف به کيس وڌيڪ ڪم ڏيارڻ ۾ ناڪام رهي، جواب جو انتظار ڪندي رهي ۽ اڪثر انڪار کي منهن ڏيڻو پيو هو.

هن چيو ته ”فگليءَ کانپوءِ هڪ وڏي خلا هئي ڇاڪاڻ ته فلم ڪامياب نه ٿي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته جڏهن شروعات ۾ ڪمرشل ڪامياب ناهي ويندو ته موقعا گهٽ ٿي ويندا آهن.

ڪيارا موجب هن ڏکيائين کان سکيو ۽ هر ناڪاميءَ کي سکڻ جو موقعو سمجهيو. هن جو چوڻ آهي ته ڪيرئير جا لاها چاڙها هن جا استاد آهن. انهن تجربن کيس وڌيڪ مضبوط انسان بڻايو.

35 ورهين جي اداڪارا ڪيارا چيو ته ايم ايس ڌوني: دي انٽولڊ اسٽوري“ جي ڪاميابيءَ کانپوءِ به صورتحال نه مٽجي ۽ کيس ڪردارن لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پئي. جڏهن ته 2019 ۾ ڪبير سنگهه جي ڪاميابيءَ کانپوءِ سندس ڪيرئير تيز رفتاري پڪتي.

هن جو چوڻ آهي ته هيءَ اُها عمر هئي جڏهن ماڻهو بهترين ڏيڻ لاءِ پرعزم هوندو آهي. کيس ڄاڻ هئي ته سٺو ڪم ڪرڻ سان ئي وڌيڪ ڪم ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.