ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ بورڊ (ڪرڪيٽ آسٽريليا) پاڪستان جي دوري لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آسٽريليا کي پاڪستان جي دوري دوران ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي، ان سان گڏوگڏ ڪينگروز جي بنگلاديش جي دوري لاءِ به وائٽ بال ٽيمن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آسٽريليا کي بنگلاديش جي دوري دوران 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي، جڏهن ته پاڪستان خلاف شيڊيول هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز ۾ آل رائونڊر مچل مارش آسٽريلوي ٽيم جي قيادت ڪندو.
اسڪواڊ ۾ مچل مارش کانسواءِ اليڪس ڪيري، نيٿن ايلس، ڪئمرون گرين، جوش انگلس، ميٿيو ڪهنيمين، مارنوس لبوشين، رائلي ميريڊٿ، اولي پيڪ، ميٿيو رنشا، تنوير سنگا، ليام اسڪاٽ، ميٿيو شارٽ، بلي اسٽينليڪ ۽ ايڊم زمپا شامل آهن.
پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ون ڊي ميچ 30 مئي تي راولپنڊي ۾، جڏهن ته 2 ۽ 4 جون تي لاهور ۾ کيڏيا ويندا.
واضح رهي ته پاڪستان خلاف اعلانيل ون ڊي اسڪواڊ ۾ ريگيولر ڪپتان پيٽ ڪمنز، جوش هيزل ووڊ ۽ مچل اسٽارڪ کي آرام ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ٽرويس هيڊ، ڪوپر ڪنولي آءِ پي ايل ڪميٽمينٽ سبب اسڪواڊ جو حصو نه آهن.