بابر اعظم جي فٽنيس بابت اهم خبر اچي وئي

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم فٽ ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هن نيٽ تي بيٽنگ پريڪٽس به شروع ڪري ڇڏي آهي.
بابر اعظم ڍاڪا ۾ بيٽنگ ڪوچ اسد شفيق جي نگرانيءَ هيٺ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي اڪيڊمي ۾ بيٽنگ پريڪٽس ڪئي.
ان موقعي تي ٽرينر ۽ فزيو پڻ بابر سان گڏ نيٽس تي موجود هئا.
بيٽنگ پريڪٽس کانسواءِ هن وڪيٽن جي وچ ۾ بنا ڪنهن پريشاني جي رننگ پڻ ڪئي.
واضح رهي ته بابر اعظم گوڏي جي انجريءَ سبب بنگلاديش خلاف پهريون ٽيسٽ نه کيڏي سگهيو هو.
بابر اعظم سلهٽ ۾ کيڏي ويندڙ سيريز جي ٻي ٽيسٽ لاءِ ٽيم کي دستياب هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.