بيوروڪريٽ پاران دلجيت دوسانجه کي سياست ۾ اچڻ جي اپيل، گلوڪار فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) مشهور گلوڪار ۽ اداڪار دلجيت دوسانجهه سياست ۾ اچڻ کان معزرت ڪري ڇڏي ۽ واضح چيو ته سندس ڪم انٽرٽينمنٽ آهي، اهو ئي جاري رکندو.

ڀارتي رپورٽ موجب هڪ مضمون ۾ لکيو ويو ته سول سوسائٽي جا ڪجهه ڪارڪن، جن ۾ ريٽائرڊ فوجي ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هيا، دلجيت دوسانجهه کي سياست ۾ اچڻ جي اپيل ڪئي. ان گروپ جي اڳواڻ ريٽائرڊ بيوروڪريٽ ايس ايس بپورائي ڪري رهيو هو.

دلجيت جواب ڏنو ته ”ڪڏهن به نه، منهنجو ڪم انٽرٽينمنٽ آهي. مان پنهنجي شعبي ۾ ڏاڍو خوش آهيان.

سندس مداحن به ان فيصلي کي ساراهيو ۽ چيو ته سياست ۾ وڃڻ سان هو پنهنجي اصل سڃاڻپ وڃائي ڇڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.