تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته تهران صرف پنهنجي حقن جي تحفظ جو خواهشمند آهي ۽ تهران آمريڪا کي وڏي دل سان ذميواراڻيون تجويزون پيش ڪيون آهن.
پنهنجي بيان ۾ اسماعيل بقائي چيو ته ايران خلاف جنگ جو خاتمو ۽ آبناءِ هرمز کي کولڻ جائز مطالبا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ناڪابندي ختم ڪرڻ، سامونڊي ڌاڙن جو خاتمو ۽ ايراني اثاثن کي بحال ڪرڻ به جائز مطالبن ۾ شامل آهن.
هن چيو ته آبناءِ هرمز تان محفوظ رستو ۽ لبنان سميت خطي ۾ سيڪيورٽي قائم ڪرڻ ايران جي مطالبن جو حصو هو، هي مطالبا خطي جي سيڪيورٽي لاءِ ذميواراڻا مطالبا آهن.