نادرا جي وڏي سهولت، پيدائشي سرٽيفڪيٽ کان سواءِ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ ممڪن ڪيئن؟ ڄاڻيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) پيدائشي سرٽيفڪيٽ کان سواءِ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ جي مشروط سهولت متعارف ڪرائي آهي، جيڪا هلندڙ سال جي آخر تائين ختم ٿي ويندي.
نادرا طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان ۾ بالغن جي رجسٽريشن وارو عمل اٽڪل 98.3 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، پر اڃا به 1.7 سيڪڙو جو معمولي فرق موجود آهي.
نادرا موجب،اها گهٽتائي عورتن ۾ وڌيڪ آهي ۽ اهڙن ضلعن ۾ ڏٺي وئي آهي جتي سول دستاويزن جو نظام ڪمزور آهي، گهڻي ڀاکي ڪيسن ۾ مقامي حڪومت طرفان جاري ڪيل ڪمپيوٽرائيزڊ پيدائشي سرٽيفڪيٽ نه هجڻ پهريون دفعو رجسٽريشن ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ ثابت ٿي آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته نادرا پنهنجي سالياني رپورٽ 2025 جي تياري دوران ڳڻپ کاتي، اليڪشن ڪميشن، وقارِ نسوان بابت قومي ڪميشن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان گذريل ڏهن سالن جي ڊيٽا جو تفصيلي جائزو ورتو، انهن نتيجن جي روشني ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي هدايت تي هڪ قانوني ۽ منظم سهولتي طريقو تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جي منظوري نادرا اٿارٽي بورڊ ڏئي ڇڏي آهي.
نادرا پهرين ڀيرو رجسٽريشن ڪرائيندڙن لاءِ 31 ڊسمبر 2026 تائين هڪ عارضي سهولت متعارف ڪرائي آهي.
ان فريم ورڪ تحت پيدائشي سرٽيفڪيٽ نه هجڻ جي صورت ۾ به سخت تصديقي شرطن سان ڪمپيوٽرائيزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري سگهبا.

عورتن لاءِ شرط
نادرا وڌيڪ ڄاڻايو ته ڪارڊ رڳو ان صورت ۾ جاري ٿيندو جڏهن نادرا جي موجود رڪارڊ ۽ ڪٽنب جي اڳ ئي رجسٽرڊ ويجهن ميمبرن جي بائيوميٽرڪ تصديق ذريعي سڃاڻپ ثابت ٿي وڃي.
18 سال يا ان کان وڏي عمر واري شادي شده عورت لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ نڪاح نامو، والدين مان ڪنهن هڪ جو ڪارڊ، مڙس جو ڪارڊ ۽ مڙس يا والدين مان ڪنهن هڪ جي بائيوميٽرڪ تصديق لازمي هوندي.
غير شادي شده عورتن لاءِ مڙس بابت شرط لاڳو نه هوندا، پر والدين جو ڪارڊ ۽ بائيوميٽرڪ تصديق ضروري هوندي.

مردن لاءِ شرط
بيان موجب، 24 سالن کان وڏي عمر وارن مرد درخواست گذارن لاءِ شرط آهي ته سندن والدين ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيڻ يا ڀاءُ وٽ نادرا جو سڃاڻپ ڪارڊ موجود هجي، جڏهن ته پيءُ يا ماءُ مان ڪنهن هڪ جي بائيوميٽرڪ تصديق به لازمي قرار ڏني وئي آهي.
اهڙا ڪيس جتي والدين يا مڙس فوت ٿي چڪا هجن پر انهن جو رڪارڊ نادرا ۾ موجود هجي، اتي لاڳاپيل آفيسر رڪارڊ جي بنياد تي بائيوميٽرڪ تصديق کان ڇوٽ ڏئي سگهي ٿو.

عوام جي سهولت لاءِ نارمل ڪيٽيگري تحت اپلاءِ ڪيل ٽيسلن (غير سمارٽ) سڃاڻپ ڪارڊ هن فريم ورڪ تحت مفت جاري ڪيا ويندا. نادرا واضح ڪيو آهي ته هڪ ڀيرو سسٽم ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ولديت، ڄمڻ جي تاريخ ۽ ڄمڻ جو هنڌ تبديل نه ٿي سگهندا، تنهنڪري شهري رجسٽريشن وقت ذاتي تفصيل جي درستگي يقيني بڻائين، اهل ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو هن محدود مدت جي سهولت مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ويجهي نادرا سينٽر سان رابطو ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.