ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪريتي سينن انڊسٽري ۾ مرد ۽ عورت فنڪارن جي معاوضي ۾ فرق تي کليل نموني ڳالهايو آهي.
هن جو چوڻ هو ته اداڪارائن کي اڄ به معاوضي جي معاملن ۾ پريشانين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران ڪريتي سينن انڪشاف ڪيو ته فلمساز گهڻي ڀاڱي بجيٽ گهٽ هجڻ جي صورت ۾ سڀ کان پهريان هيروئن جي فيس گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جڏهن ته بجيٽ جو وڏو حصو مرد اداڪار کي ڏنو ويندو آهي.
هن چيو ته فلمي صنعت ۾ مرداڻي سرسي واري سوچ اڃا به موجود آهي ۽ برابري حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي.
اداڪارا موجب، فلم جي سيٽ تي به عورتن سان امتيازي ورتاءُ ڪيو ويندو آهي.
هن انڪشاف ڪيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ هوءَ ڪيئي معاملن تي آواز نه اٿاري سگهندي هئي.
هن هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته هڪ موقعي تي هڪ مرد ساٿي اداڪار کي مون کان بهتر گاڏي ڏني وئي، جنهن تي مون پنهنجي بي عزتي محسوس ڪئي.
ڪريتي سينن پنهنجي فلم ”ممي“ کي ڪيريئر جو اهم موڙ قرار ڏيندي چيو ته ان فلم مون بابت ماڻهن جي راءِ بدلائي ڇڏي، ان فلم تي مليل قومي ايوارڊ منهنجي ڪيريئر جي وڏن لمحن منجهان هڪ هو.
اداڪارا اهو پڻ انڪشاف ڪيو ته فلم ”ممي“ کان اڳ کيس ڪيترائي ڀيرا مايوسي جو منهن ڏسڻو پيو ۽ ڪجهه اهم ڪردار آخري وقت تي ”اسٽار ڪڊز“ (فلمي ستارن جي ٻارن) کي ڏنا ويا هئا.
فلم جي بجيٽ گهٽ هوندي ته پهرين عورت جي فيس ڪٽبي، انڊسٽري مردن جا کيسا پئي ڀري: ڪريتي سينن
Prev Post
You might also like