اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام صوبن حوالي ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راندين واري وفاقي وزير کيئل داس ڪوهستاني چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ جڏهن سمورا اختيار صوبن وٽ آهن ته امدادي رقمون به صوبن کي ئي ادا ڪرڻيون پونديون.
هن چيو ته ڪجهه صوبن طرفان به اهو آواز اٿاريو ويو آهي، پر حڪومت ڪو به فيصلو اتحادين ۽ سياسي پارٽين سان صلاح مشوري کانپوءِ ئي ڪندي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي مڪمل ختم ڪرڻ جي ڳالهه غور هيٺ ناهي.
You might also like