ڪي پي ۾ درزي جي ڌيءَ 17 گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتا

پشاور (م ڊ) خيبر گرلز ميڊيڪل ڪاليج پشاور ۾ تقريب، درزيءَ  جي ڌيءَ 17 گولڊ ميڊل حاصل ڪري رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو،17ميڊل حاصل ڪندڙ قنديل جو تعلق هري پور سان آهي، خيبر گرلز ميڊيڪل ڪاليج جي ذهين شاگردياڻين شاندار ڪاميابي حاصل ڪندي رڪارڊ انگ ۾ گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪري ورتا، درزيءَ جي ڌيءَ قنديل مرتضيٰ غيرمعمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 17 گولڊ ميڊل حاصل ڪيا، جڏهن ته مقدس 10 ۽ سبين 7 گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيا، تفصيلن موجب خيبر گرلز ميڊيڪل ڪاليج جي قنديل مرتضيٰ 17 گولڊ ميڊل حاصل ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو، جڏهن شاگردياڻي جو نالو پڪاريو ويو ته هال تاڙين سان گونجي اٿيو، خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جڏهن شاگردياڻي کي ميڊل پارائي رهيو هو ته ماڻهن تاڙيون وڄائي سندس همت افزائي ڪئي، جڏهن ته سندس والد به ساڻس گڏ بيٺل هو، 17 ميڊل حاصل ڪندڙ قنديل جو تعلق  هري پور سان آهي ۽ سندس والد درزي آهي، شاگردياڻي جي والد ڳالهائيندي چيو ته سندس ٻي ڌيءَ به خيبر ميڊيڪل ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي، جڏهن ته هڪ ڌيءَ ايف آءِ اي ۾ گريڊ 17 جي آفيسر آهي ۽ هڪ ڌيءَ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري  اسلام آباد ۾ نوڪري ڪري رهي آهي، جڏهن ته هڪ پٽ انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، ساڳئي ريت مقدس 10 ميڊل حاصل ڪيا، جڏهن ته سبين 7 گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيا، انهن شاگردياڻين جي اها ڪاميابي نه رڳو سندن سخت محنت، لگن ۽ علمي صلاحيتن جو ثبوت آهي پر ٻين شاگردياڻين لاءِ به وڏي مثال ۽ همت افزائي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.