سجاول جوڻيجو (ن ع آ) سجاول جوڻيجو ڀرسان سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد پراڻي تڪرار تان جتوئي برادري جي ماڻهن گرگيج برادري جا ماڻهو لاش کيون پيا وڃن ته مٿان جتوئي برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو ڀونگر گرگيج قتل ٿي ويو ۽ رسول بخش گرگيج زخمي ٿي پيو،پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال کڻائي ويا ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پکڙجي وئي، علائقي واسين پاران مطالبو ڪيو ويو ته بيگناهه نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.