ٽنڊوالھيار (رپورٽ: حسرت لغاري) ٽنڊوالھيار ويجھو ڪبوترن تي شرط تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ ٻيڙو لاشاري ۽ ڳوٺ مھرو لاشاري جي ڳوٺاڻن جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪبوترن جي شرط تان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران ٿيل فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ ڪري احسان علي لاشاري ۽ رفيق لاشاري علاج دوران فوت ٿي ويا، زخمين ۾ حاجي خان لاشاري، شھباز لاشاري، شريف لاشاري ۽ ٻيا شامل آھن، زخمين جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول تي ضابطو آندو پر ان جي باوجود ٻنھي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن جي ڌرين ۾ ڏھڪاءُ، ڪاوڙ ۽ ڏک وارو ماحول برقرار آھي، پوليس موجب جھيڙو ڪبوترن تي شرط تان ٿيو. پوليس پاران ڪنھن به ان وڻندڙ واقعي کي روڪڻ لاءِ علائقي کي پوليس جو ڪڙو برقرار آھي.