ڪاڇي جي ڳوٺ درگاھ شاھ گودڙيو جا مسئلا ڪير حل ڪندو؟

سنڌ ۾ جيڪڏهن نظر ڦيرائبي ته هر ڳوٺ ۽ شهر  ڪيترن مسئلن جي ور چڙهيل لڳندو.  جتي عوام اڄ به تڪليفن ۾ آهي جن مان هڪ اسان جو ڳوٺ به آهي جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال  سنڌ جي  ڏتڙيل علائقي ڪاڇو ۾ آهي جيڪو ڳوٺ ميان وال تحريڪ جي هڪ عالم حضرت عبدالله شاهه گودڙيو جي نالي سان موجود آهي  جيڪو پاڪستان جي قيام کان وٺي اڄ تائين انيڪ مسئلن جي وَرَ چڙھيل آهي جنهن ڳوٺ جا خاص مسئلا پيئڻ جو پاڻي،صحت،تعليم،روڊ\رستا توڙي ٻيا عام مسئلا شامل آهن جن جي حل لاءِ جيتوڻيڪ  ڳوٺاڻن مسلسل صحافتي ادارن ۾ لکڻ توڙي احتجاج ڪرڻ جي صورت ۾ واڳ ڌڻين آڏو پيش ڪيا آهن پر افسوس اڄ ڏينهن تائين اسان جو ڪو هڪ به مسئلو حل ٿي نه سگهيو آهي خاص ڪري پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو تمام عام آهي جيڪو پڻ اڄ ڏينهن تائين حل ٿي نه سگهيو آهي

اسان جي ڳوٺ ۾ اسان جي وڏڙن طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت قديم زماني ۾ نئين دلان جي پيٽ ۾ هڪ کوھ ٺاھيو هو جيڪو کوھ مسلسل اسان جي ڳوٺاڻن لاءِ پاڻي جي صورت ۾ جياپي جو واحد ذريعو رهيو آهي پر کوھ قديمي هجڻ ڪري پنهنجي اوج وِڃائي چڪو آهي جنهن جو پاڻي هن وقت انساني صحت لاءِ انتهائي ھاڃيڪار ٿي ويو آهي جنهن پاڻي ۾ سينکيو جراثيم توڙي ٻيا جيت جڙا شامل ٿيڻ ڪري مختلف وقتن تي ميڊيڪل ٽيمن پاران ان پاڻي کي زهريلو قرار ڏيندي عوام کي واپرائڻ کان منع ڪيو ويو هو پر جيئن ته ٻيو ڪو وسيلو نه هئڻ ڪري مجبوري سبب مسلسل ڳوٺ جا رهواسي اهو پاڻي پيئندا رهيا آهن جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي نتيجي ۾ خراب پاڻي استعمال ڪرڻ سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا گردن، هيپاٽائيٽس بي، سي، جگر ،معدي، چمڙي، توڙي دماغي بيمارين جو شڪار ٿيندي موت جي مُنهن ۾ هليا ويا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو اڄ به انهن بيمارين سبب ڪراچي،حيدرآباد، ۽ لاڙڪاڻو جي اسپتالن مان پنهنجو علاج ڪرائي رهيا آهن جن ۾ هن وقت 6 کان وڌيڪ ڳوٺاڻا ڊائلاسز تي پهچي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي پنهنجي زندگي جا ڏينهن گذاري رهيا آهن ان باوجود حڪومتي ادارا پنهنجن اعلانن تي عمل ڪندي پيئڻ جو پاڻي ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ اھڙا اعلان دادو جي موجوده ڊي،سي سيد مرتضي علي شاھ ۽ هاڻوڪي ايم پي اي ڪي اين شاهه زبير احمد جوڻيجو توڙي اڳوڻي ايم پي اي مرحوم عزيز جوڻيجو پاران ڪيا ويا پر افسوس اڄ ڏينهن تائين اُهي اعلان فقط اعلان ئي رهيا ۽ ڪو به مسئلو حل ٿي نه سگهيو آهي جڏهن ته اسان جي يو سي چارو جي انتظاميا پڻ هينئر تائين ڳوٺ درگاهه شاهه گودڙيو جو اهڙو ڪو به مسئلو حل ڪري نه سگهي آهي جنهن بنياد تي انهن کي ساراهي سگهجي، اهڙي عالم ۾ اسان ڳوٺاڻا پ پ پ جي سربراھ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي فرزند بلاول ڀٽو زرداري  صدر پاڪستان آصف علي زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحت جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، سيڪيٽري صحت ڊي جي هيلٿ ڊي سي دادو، ڊي ايڇ او دادو، ايم پي اي زبير احمد جوڻيجو ۽ ٻين وس وارن کي گذارش ڪجي ٿي ته فوري طور تي اسان جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ صحت جي وڌندڙ مسئلن کي حل ڪري پنهنجن فرضن جي پورائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ مجبور ٿي اسان ڳوٺاڻا احتجاج ڪرڻ سان گڏ عدالت ۾ وينداسين ۽  هاڻي جيڪڏهن ڪو به ڳوٺاڻو خراب پاڻي پيئڻ سبب ڪنهن بيماري جو شڪار ٿي موت جي منهن ويو ته ان جا ذميوار دادو ضلعي جا چونڊيل نمائندا ۽ انتظامي عملدار هوندا.

راجا انور چانڊيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.