پاڪستاني آءِ فون واهپيدارن لاءِ بُري خبر

اسلام آباد) ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ آءِ فون واهپيدار 2027 تائين ”فائيو جِي“ استعمال نه ڪري سگهندا، ايپل آپشن فعال ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، پاڪستان ۾ ٽيڪنالوجي ۽ آءِ فون واهپيدارن لاءِ مايوس ڪندڙ خبر سامهون آئي آهي.
رپورٽن موجب، ايپل في الحال پاڪستان ۾ پنهنجي هينڊ سيٽس تي فائيو جي آپشن فعال ڪرڻ کان معذرت ڪندي 2027ع جو هدف ڏنو آهي.
آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ايپل پاڪستاني اختيارين کي آگاهه ڪيو آهي ته هو 2027ع ۾ مارڪيٽ جي ڪاٿي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي آءِ فون واهپيدارن لاءِ فائيو جي سروسز کي سپورٽ فراهم ڪندو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته گهرايل موبائل فونن، خاص طور تي آءِ فون تي وڏي ٽيڪس جي ڪري پاڪستان ۾ ايپل جي مارڪيٽ سڪڙجي وئي آهي، جيڪا ڪمپني طرفان سروسز جي فراهمي ۾ رولڙي جو هڪ وڏو ڪارڻ آهي.
ٻئي پاسي سامسنگ جي سمارٽ فونز تي فائيو جي سروسز اڳ ئي موجود آهن.
حڪومت هلندڙ سال مارچ ۾ 507 ملين ڊالر ماليت جي فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي مڪمل ڪئي هئي، جنهن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي رفتار ۽ معيار کي بهتر بڻائڻ آهي، جنهن ۾ مجموعي طور تي 480 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم وڪرو ڪيو ويو.
ٽيلي ڪام انڊسٽري جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سمورن آپريٽرن فائيو جي سروسز جي شروعات لاءِ گهربل سامان جا آرڊر ڏئي ڇڏيا آهن ۽ ڪجهه خاص علائقن ۾ آزمائشي بنيادن تي سروسز شروع ڪيون ويون آهن.
پر آءِ فون واهپيدارن کي هن جديد ٽيڪنالاجي مان لاڀ ماڻڻ لاءِ اڃا هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين انتظار ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.