منشيات خلاف ڪارروائي رڳو ڏيکاءُ تائين محدود نه هجڻ گهرجي: ڪاشف سعيد

ڪراچي(پ ر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ هڪ سياسي جماعت جي اهم شخصيت جي فرزند جي موت کان پوءِ سنڌ ۾ پوليس پاران منشيات فروشي خلاف جاري مُهم جي ڀرپور آجيان ڪندي  چيو آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏي عرصي کان آئس، چرس، آفيم، ڀنگ، ڪچو شراب، مين پوڙي ۽ گٽڪو وَکر وانگي وڪامجي رهيو آهي جنهن سان لکين خاندان تباهه جڏهن ته هزارين نوجوان پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا آهن يا وري ذهني مريض بڻجي معاشري لاءِ ناسور بڻجي چڪا آهن، هر ضلعي ۾ پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات فروشي جو ڪاروبار عروج تي آهي، نشي جو زهر وڪڻندڙ منشيات فروش ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي چڪا آهن، سياسي، سماجي پارٽين توڙي معاشري ساڃاهه وند طبقي ۽ صحافين پاران بار بار ڌيان ڇڪائڻ باوجود حڪومت جي ڪن تي جُونءَ به نه سُري هاڻي جڏهن حڪمران ٽولي جي پنهنجي گهر ۾ باهه لڳي تڏهن هوش ۾ آيا آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليس جي مقامي اهلڪارن ۽ منشيات فروشن جي گٺ جوڙ جا الزام لڳندا آهن، جنهن ڪري ڪارروائي رڳو خاني پوري تائين محدود رهي ٿي، سنڌ ۾ منشيات ۽ ٻين سنگين الزامن تحت 8 کان وڌيڪ ايس ايس پيز خلاف جاچ شروع ٿيڻ وڏي اهميت رکي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.