سنڌ ۾ منشيات عام ٿي وئي، منشيات جا ٽرالر هتي پهچن پيا:راشد محمود

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو آھي ته سنڌ ۾ بدامني جي باھ ٻري رھي آھي، اغوا انڊسٽري کي ھٿي ڏياري پئي وڃي، معصوم  ٻارڙن کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ھڪ سال اندر 70 ارب رپين جي ڪڻڪ جي خريداري ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آھي، منشيات جا ٽرالر شھرن ۾ پھچي رھيا آھن، مھانگائي، بک، بدحالي، بيروزگاري سبب پريشان بڻيل آھن، ٺٽي ۾ جي يو آءِ جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته چارسده واقعي جي مذمت ڪريون ٿا، مولانا ادريس شيخ جي شھادت تي افسوس جو اظھار ڪجي ٿو، فوري طور قاتلن کي ڪيفر ڪردار تي پھچايو وڃي، جي يو آءِ جنازا کڻڻ جو ٺيڪو کنيو آھي ڇا، آئين، پارليامينٽ ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالھه ڪرڻ تي لاش ڏنا ٿا وڃن، جمعيت علماءُ اسلام ف وٽ شھادتن جي وڏي فھرست آھي، صوبن جا اختيار نه گھٽائڻ گھرجن، سنڌ جي اندر منشيات عام ٿي وئي آھي، منشيات خلاف اسيمبلي جو اجلاس، نيب ۽ ايف آءِ اي سميت ٻين ادارن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ برابر آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.