روينيو ۾ رشوت:راڻا همير سنگهه جي سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو سان ملاقات

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرپارڪر ضلعي ۾ خاص طور تي روينيو کاتي ۾ ڏينھون ڏينھن وڌنڌڙ مسئلن ۽ تپيدارن طرفان فوتي کاتن جي بدلي عيوض غريب عوام کان لکين روپيا رشوت وصولي بابت ڪجھ ڏينھن اڳ ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون ويرجي ڪولهي پاران تقريب دوران  انڪشاف ڪيو ھو ۽ پ پ ايم پي اي راڻا همير سنگهه کي ويرجي ڪولھي مخاطب ٿيندي گذارش ڪئي ھئي ته ھو روينيو جي معاملن تي حڪومت سان ڳالھائي،وڏي وزير جي خاص معاون ويرجي ڪولهي پاران ٿر ۾ تپيدارن تي في فوتي کاتي بدل عيوض ٽي ٽي لک رپيا غيرقانوني وصول ڪرڻ جي دانھن ڪئي ھئي جيڪا رپورٽ عوامي آواز ۾ اسٽوري طور شايع ڪئي وئي هئي،گذريل ڏينھن پ پ ايم پي اي راڻا همير سنگھ سوڍو پاران سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سيد خالد حيدر شاھ سان ملاقات ڪري روينيو جي اھم مسئلن تي گڏجاڻي ڪئي وئي،ملاقات دوران پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ پاران ضلعي ٿرپارڪر ۾ روينيو کاتي سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي،ملاقات دوران خاص طور فوتي کاتن عيوض غريب عوام کان تپيدارن پاران لکين روپيا رشوت وصولي،زمينن جي رڪارڊ ۾ ھيرڦيرين،عوام کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي جلد حل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،راڻا همير سنگهه سوڍو چيو ته ٿر ۾ روينيو جي مسئلن سبب عوام سخت پريشان آھي تپيدارن بابت گھڻيون شڪايتون ملي رھيون آھن،انھي موقعي تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ذريعن موجب ته ٿر ۾ تپيدارن پاران فوتي کاتي بدل عيوض غيرقانوني لکين روپيا وصولي ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ملوث تپيدارن خلاف سخت ڪاروائي جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آھي،

ڊي سي پاران روينيو بابت شڪايتن تي کليل ڪچهرين جو فيصلو

مٿي:ڊپٽي ڪمشنر پاران روينيو بابت شڪايتن جي ازالي لاءِ تعلقن ۾ کليل ڪچھري جو فيصلو،انھي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر عبدالحليم جاگيراڻي سان سندس آفيس ۾ اوڀايو جوڻيجو جي اڳوڻي ۾ ٿر سٽيزن فورم جي هڪ وفد ملاقات ڪئي،ملاقات دوران ضلعي  جي مڙني مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ويئي،ملاقات دوران ٿر سٽيزن فورم جي وفد ٿرڪول جي متاثرين جي مسئلن،فوتي کاتا بدل تي مبينا رشوت جي طلبي،وڻن جي واڍي،گئوچر ۽ سرڪاري زمنين ٿيل قبضن جي خاتمي سميت گئوچر کي آباد ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ بابت پنهنجا مسئلا ڊي سي آڏو رکيا، ڊپٽي ڪمشنر يقين ڏياريو ته ٿر سٽيزن جي پيش ڪيل مسئلن ۽ تجويزن کي قانوني طرح سان حل ڪرايو ويندو،هن اهو به چيو ته ٿر ۾ روينيو رڪارڊ آف رائيٽس جي حوالي سان هر تعلقي ۾ کليل ڪچهريون منعقد ڪيون وينديون ۽  روينيو سان لاڳاپيل ماڻهن جي مسئلن ۽ شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو،

فوتي کاتا تبديل نه ٿيڻ جو اصل ڪارڻ رشوت جي وصولي

مٺي: ته ٿر پارڪر جي ستن ئي تعلقن مٺي،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو،ڏيپلو،ننگر پارڪر،ڪلوئي ۽ ڏاھلي جي ڳوٺن ۾ ورھين کان زمينن جي مالڪن جا سوين فوتي کاتا تبديل نه ٿيڻ جو اصل ڪارڻ تپيدارن پاران لکين روپيا رشوت وصولي آھي،تپن ۾ مقرر ڪيل تپيدار زمينن جي مالڪن کان  ابن،ڏاڏن جي فوت ٿيڻ بعد فوتي کاتي بدل عيوض ٽي ٽي لک طلب ڪن ٿا ۽ رشوت نه ڏيندڙن کي سيل سرٽيفڪيٽ ناھي ڏنو ويندو،فوتي کاتي بدل جي سرڪاري فيس 3 سئو کان 5 سئو تائين آھي ۽ تپيدار غريبن کان في کاتي عيوض ٽي ٽي لک وصول ڪري رھيا آھن رشوت نه ڏيندڙن کي رلائي دربدر ڪيو ويندو آھي جنھن سبب ھن وقت ٿر ۾ ھزارين فوتي کاتا تبديل ٿي ناھن سگھيا ۽ آھي رھيل آھن جنھن جو ڪارڻ تپيدار آھن اھي فوتي کاتا ھاڻي تڪڙا تبديل ڪرڻ روينيو لاءِ چيلنج بڻجي ويا آھن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.