ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهيون ۽ معاهدي تي اتفاق جي ويجهو پهچڻ جون خبرون عالمي ميڊيا تي ڇانيل آهن. بهرحال تهران مان مليل اطلاعن موجب ايراني موقف ۾ ڪنهن بنيادي فرق جي ڳالهه سامهون ناهي آئي. هن وقت آمريڪا طرفان امن معاهدي جون تجويزون تهران جي غور هيٺ آهن ۽ صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايران هاڻي به راضي نه ٿيو ته اڳ کان به وڌيڪ تباهي ايندي. ان کان اڳ پاڪستان ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جي درخواست تي آمريڪي صدر پراجيڪٽ فريڊم جي نالي سان آبنائي هرمز مان ڦاٿل جهاز ڪڍڻ واري ڪارروائي کي معطل ڪيو هو ۽ چيو هو ته ايران سان سفارتي ڪاميابي جو امڪان پيدا ٿيو آهي ۽ اسان صحيح ماڻهن سان ڳالهائي رهيا آهيون. ڏسڻو پوندو ته ڇا اهي معاهدو ڪرڻ جي همت به ڪري سگهن ٿا يا نه. ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو هڪ پريس بريفنگ ۾ چيو هو ته ايران خلاف آمريڪي آپريشن ايپڪ فري ختم ٿي چڪو آهي، پر پراجيڪٽ فريڊم دفاعي نوعيت جي ڪارروائي آهي، جنهن ۾ ٻن مهينن کان ڦاٿل جهازن کي ڪڍيو ويندو. اسان ان دوران فائرنگ نٿا ڪرڻ چاهيون، پر جيڪڏهن اسان تي حملو ٿيو ته سخت جواب ڏنو ويندو. صدر ٽرمپ آمريڪي بحريه تي حملي جي صورت ۾ ايران کي نيست و نابود ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏيندا رهيا آهن.
پراجيڪٽ فريڊم روڪڻ واري اعلان کي ايران پنهنجي فتح قرار ڏئي رهيو آهي. سندس دعويٰ آهي ته بمباري ذريعي ايران کي جهڪائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هاڻي آمريڪا پنهنجي بحري طاقت هوندي به آبنائي هرمز کولرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي. ايران نواز تبصرو نگار به ان کي آمريڪا جي شڪست يا هزيمت قرار ڏئي رهيا آهن. بهرحال آمريڪي صدر طرفان هن منصوبي کي ملتوي ڪرڻ جي ڪا به وجهه هجي، پر ان اعلان کان پوءِ هڪ طرف تيل جي وڌندڙ قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو، ته ٻئي طرف اهي خبرون عام ٿيون ته هاڻي پاڪستان جي ذريعي ڪجهه اهڙن نقطن تي اتفاق ٿي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا باقاعده جنگ بند ڪرڻ ۽ ايران آبنائي هرمز کولڻ جو اعلان ڪري سگهن ٿا. البته واشنگٽن يا تهران طرفان ان بابت تصديق نه ٿي سگهي آهي. اسلام آباد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بي بي سي جي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سفارتي ڪوششون جاري آهن، پر پاڪستان ڌرين جي اجازت کان سواءِ ڪا به معلومات فراهم نه ڪندو.
پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ثالثي دوران نهايت محتاط رويو اختيار ڪيو آهي ۽ باهمي رابطن کي وڏي حد تائين راز ۾ رکڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. بهرحال ان دوران پراجيڪٽ فريڊم روڪرائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان علاوه پاڪستان مبينا طور ڪجهه اهڙيون تجويزون تيار ڪرڻ ۾ به ڪردار ادا ڪيو آهي، جن تي ايران ۽ آمريڪا جو اتفاقِ راءِ ٿي سگهي ٿو. هاڻي تهران طرفان آمريڪا جي منظور ڪيل تجويزن تي حتمي فيصلي جو انتظار ڪيو پيو وڃي. ان دوران ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي بيجنگ جو دورو ڪيو آهي، جتي سندس چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ٿي آهي. خبرن موجب چين ايران تي واضح ڪيو آهي ته هاڻي هو وڌيڪ جنگ نٿو چاهي ۽ هن تڪرار جو ڪو مستقل حل ڳولڻ ضروري آهي. ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزير ان ملاقات کي مثبت قرار ڏيندي ايڪس تي لکيو آهي ته چين ايران جي قومي خودمختياري ۽ قومي وقار جي تحفظ جي حق جي توثيق ڪئي آهي. ايراني پرڏيهي وزير علائقي ۾ امن ۽ استحڪام جي واڌاري لاءِ چيني حڪومت جي تجويز کي ساراهيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران چين تي اعتماد ڪري ٿو ۽ اميد رکي ٿو ته هو امن جي واڌاري ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو.
بهرحال چين طرفان جنگ بدران امن جي تجويز ۽ صدر ٽرمپ طرفان پراجيڪٽ فريڊم جي نالي سان شروع ٿيندڙ فوري اشتعال انگيزي ۽ تصادم جي انديشن کي ٽارڻ سان اها اميد ٻيهر زنده ٿي آهي ته ڌريون اڃا به ڪنهن حل تائين پهچڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. البته تهران ڀلي پراجيڪٽ فريڊم ۾ رڪاوٽ کي پنهنجي ڪاميابي سمجهي، پر کيس ان غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته ايران آمريڪا جي عسڪري قوت جو مقابلو ڪري سگهي ٿو. اهڙي قسم جا دعويٰ نعرا هڻڻ، عوام کي مطمئن ڪرڻ يا غير ضروري تبصرن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ته ڪارآمد ٿي سگهن ٿا، پر انهن جو زميني حقيقت ۽ ڌرين جي صلاحيت سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. ايران لاءِ بهتر اهو هوندو ته ڪجهه ڳالهيون مڃرائي ۽ ڪجهه مڃي ڪنهن معاهدي تي اتفاق ڪري وٺي. جيڪڏهن اهو موقعو به ضايع ڪيو ويو ۽ آمريڪي صدر مايوس ٿي هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ان جو نتيجو تباهي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه نڪرندو. پراجيڪٽ فريڊم روڪڻ کي به آمريڪا جي پسپائي سمجهڻ، عاقبت ناانديشي هوندي. اهو درست آهي ته آمريڪي صدر گهڻيون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ فيصلا ڪرڻ کان پوءِ انهن کي تبديل ڪرڻ جو رويو به ڏسڻ ۾ آيو آهي. بهرحال پراجيڪٽ فريڊم روڪڻ جو اعلان آمريڪي صدر جي ان حوصلي جو اظهار به آهي ته هو ڪنهن وڏي جنگ يا تباهي بدران ڳالهين ذريعي معاملو طئي ڪرڻ چاهين ٿا. ان کي آمريڪي ڪمزوري يا شڪست قرار ڏيڻ بدران، هڪ غنيمت موقعو سمجهي هٿان وڃڻ نه ڏيڻ گهرجي، جيڪو ايران کي حاصل ٿيو آهي.
صدر ٽرمپ ٿوري دير اڳ به وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعلان ڪيو آهي ته اسان ان کي (افزوده يورينيم) حاصل ڪري وٺنداسين. جڏهن کانئن پڇيو ويو ته آمريڪا اهو ڪم ڪيئن ڪندو ته صدر ٻيهر ساڳيو جواب ڏنو ته اسان ان کي حاصل ڪنداسين. ان مان واضح ٿي رهيو آهي ته ايران جو جوهري پروگرام آمريڪا جي ريڊ لائن آهي. تهران کي اها اميد نه رکڻ گهرجي ته واشنگٽن مجبور ٿي افزوده يورينيم بابت ڪنهن معاهدي کان سواءِ جنگ بند ڪرڻ ۽ امن معاهدي تي راضي ٿي ويندو. ساڳئي طرح آمريڪا کي آبنائي هرمز جي سوال تي ايران کي ڪجهه رعايتون ڏيڻيون پونديون. آمريڪا بظاهر اهڙي ڪنهن حل تي آمادگي ڏيکاري رهيو آهي، پر جيڪڏهن ايران ان ڳالهه تي اصرار ڪيو ته هو حتمي جنگبندي ۽ بلاڪيڊ ختم ٿيڻ کان اڳ جوهري هٿيارن جي سوال تي ڳالهه نه ڪندو ته باهمي معاهدي جي هر اميد ختم ٿي سگهي ٿي.
آمريڪي صدر مئي جي وچ ڌاري چين جي دوري کان اڳ هن تڪرار جو ڪو حل ڏسڻ چاهين ٿا. ايران کي به روايتي سستي ۽ وڌ کان وڌ وقت وٺڻ واري پاليسي ڇڏي، صاف ۽ واضح انداز ۾ معاملا طئي ڪري ڇڏڻ گهرجن. هن جهڳڙي کي وڌائڻ ۾ سڀني جو نقصان آهي، پر ان ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ته تڪرار جاري رهڻ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان ايران کي ئي ٿيندو. کيس ان کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اها ئي ايراني عوام جي خواهش ۽ ضرورت آهي۔