”غزا جي حق ۾ آواز اُٿارڻ تي ڪم ملڻ بند ٿي ويو، فلسطينن کي سگهارن آوازن جي ضرورت آهي، چُپ نه رهنديس“

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ)آمريڪي اداڪارا ميليسا بريرا چيو آهي ته غزا ۽ فلسطين جي حق ۾ آواز بلند ڪرڻ کانپوءِ کيس فلم انڊسٽريءَ ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، پر هوءَ انساني حقن ۽ امن لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندي.
آمريڪي رسالي کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪارا انڪشاف ڪيو ته آڪٽوبر 2023 وارن واقعن کانپوءِ فلسطين جي حق ۾ سوشل ميڊيا پوسٽون ۽ فنڊ ريزنگ لنڪس شيئر ڪرڻ تي کيس فلم ”اسڪريم سيون“ مان ڪڍيو ويو جڏهن ته ٽيلنٽ ايجنسي ”ڊبليو ڊبليو اِي“ به کائنس علحدگي اختيار ڪئي.
واضح رهي ته اداڪارا جي سوشل ميڊيا پوسٽن کي ”يھودي مخالف“ قرار ڏيندي مٿس ”نفرت ۽ شر پسندي کي هٿي ڏيڻ“ جا الزام مڙهيا ويا هئا پر ميليسا بريرا اهڙي قسم جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته هوءَ امن، آزادي ۽ انساني حقن لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهندي.
هن چيو ته ”چُپ رهڻ منهنجي لاءِ ممڪن ناهي. مان اهڙن ماڻهن لاءِ ڳالهائيندي رهنديس جن کي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي“.
اداڪارا موجب، تڪرار کانپوءِ اٽڪل هڪ سال تائين وٽس ڪم نه هئڻ برابر هو، جنهن ڪري هوءَ شديد ذهني دٻاءُ ۽ مايوسي جو شڪار رهي.
هن چيو ته کيس محسوس ٿيڻ لڳو هو ته اداڪاري جو اهو خواب، جيڪو هن ميڪسيڪو ۾ ننڍپڻ کان ڏٺو هو شايد ختم ٿي چڪو آهي.
ان کانپوءِ ۾ فلم ساز بوٽس رئلي طرفان هڪ ڪردار جي آڇ سندس ڪيريئر کي نئون رخ ڏنو .
بريرا چيو ته ان کانپوءِ کيس وڌيڪ فلمون ملڻ شروع ٿيون ۽ سندس زندگي ۾ هاڪاري تبديلي آئي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ هاڻي پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ اهڙن تخليق ڪارن سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿي جيڪي فلسطين جي حق ۾ واضح موقف رکن ٿا.
هن چيو ته هوءَ انهن ماڻهن کي ياد رکي ٿي جن ڏکئي وقت ۾ سندس حمايت ڪئي، جن ۾ سوسن سارنڊن، تاتيانا مسلاني، هانا آئن بائينڊر ۽ پاپي ليو شامل آهن.
ميليسا بريرا هن وقت ميوزيڪل ”ٽائيٽن ڪيئو“ ۾ روز جي ڪردار ۾ نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته ان ميوزيڪل کي هن سال ٽوني ايوارڊز ۾ بهترين ميوزيڪل سميت چار نامزدگيون پڻ حاصل ٿيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.