گاڏي پنهنجي نالي ڪرائڻ جي خواهشمند شهرين لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اُهي شهري جن گاڏي ته خريد ڪري ورتي آهي پر اڃا تائين پنهنجي نالي تي ٽرانسفر ناهي ڪرائي، انهن لاءِ رعايت جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ايڪسائيز کاتي واري وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هدايت تي گاڏي مالڪن کي رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، ايڪسائيز کاتي گاڏين جي ٽرانسفر لاءِ لازمي نادرا بائيو ميٽرڪ تصديق ۾ 30 جون 2026 تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.
ان ڏس۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، گاڏي خريد ڪندڙ 30 جون 2026 تائين وڪرو ڪندڙ جي نادرا بائيو ميٽرڪ جي تصديق کان سواءِ پنهنجي گاڏي ٽرانسفر ڪرائي سگهن ٿا.
گاڏي يا موٽرسائيڪل جي ملڪيت تبديل ڪرائڻ جو مڪمل طريقو
ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي طرفان گاڏي يا موٽرسائيڪل جي ملڪيت جي منتقلي لاءِ مرحليوار نئون طريقو جاري ڪيو ويو.
هاڻي خريدڻ يا وڪڻڻ لاءِ مخصوص قانوني ضابطن جي پيروي ڪرڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي ته جيئن جعلسازي ۽ قانوني پيچيدگين کان بچي سگهجي.
نئين نظام تحت خريد ڪندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ ٻنهي کي بائيو ميٽرڪ تصديق لاءِ نادرا يا اي سهولت مرڪز جو دورو ڪرڻو پوندو جنهن کان پوءِ ئي منتقلي جو عمل سرڪاري طور تي شروع ٿي سگهندو.

گاڏي جي ملڪيت جي منتقلي جو طريقو:
نادرا يا اي سهولت سينٽر تان خريد ڪندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ جي سڃاڻپ جي تصديق ڪئي ويندي
اسٽامپ پيپر تي لکت ۾ معاهدو تيار ڪيو ويندو جنهن تي ٻنهي ڌرين جون صحيحون هونديون
ايڪسائيز آفيس جو دورو ڪري ٽوڪن حاصل ڪريو ۽ درخواست فارم جمع ڪرايو
مڪمل ٿيل فارم سان گڏ لازمي دستاويز جمع ڪرايا ويندا
منتقلي جي مقرر فيس ۽ ٽوڪن ٽيڪس ادا ڪيو ويندو، جيڪو آن لائن يا آفيس ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿو
سمورن دستاويزن جي تصديق کان پوءِ باظابطا رسيد جاري ڪئي ويندي
تصديق کان پوءِ 5 کان 15 ورڪنگ ڏينهن ۾ نئون سمارٽ رجسٽريشن ڪارڊ خريد ڪندڙ جي نالي تي جاري ڪيو ويندو

وڪرو ڪندڙ لاءِ گهربل دستاويز:
اصل رجسٽريشن بڪ/سمارٽ ڪارڊ
قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي
صحيح ٿيل درخواست
وڪري جو معاهدو
ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ
پاسپورٽ سائيز تصوير

خريد ڪندڙ لاءِ گهربل دستاويز:
قومي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي
پاسپورٽ سائيز تصوير
ويلڊ وهيڪل ٽيڪس سرٽيفڪيٽ
رهائش جو ثبوت (يوٽيلٽي بل/مسواڙ نامو)
گاڏي جو معائنو سرٽيفڪيٽ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.