نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو ڀارتي انڊر 19 ڪرڪيٽر ۽ پنجاب سان تعلق رکندڙ ميڊيم فاسٽ بالر امن پريت سنگهه 36 سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪرڪيٽر جي موت جي ڪارڻ جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي، هن پنجاب لاءِ 6 فرسٽ ڪلاس ميچون کيڏيون ۽ 11 وڪيٽون حاصل ڪيون.
امن پريت سنگهه انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي پهرئين سيزن ۾ ڪنگز اليون پنجاب جو حصو پڻ رهيو، هن پنجاب جي سينيئر سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.
ان کانسواءِ امن پريت سنگھه 2007 ۾ ڀارت لاءِ 5 يوٿ ون ڊي ۽ هڪ يوٿ ٽيسٽ ميچون پڻ کيڏيون هيون.
ڪرڪيٽر جي ڪُمهلي وڇوڙي تي ويرات ڪوهلي يوراج سنگهه سميت ٻين به ڏک جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن پڻ امن پريت جي لاڏاڻي تي گهري ڏک تعزيت جو اظهار ڪيو ويو.