سرگوڌا: 14 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي، زهريلو شراب پيئاري قتل ڪرڻ جو انڪشاف

سرگوڌا(ويب ڊيسڪ) سرگوڌا ۾ 14 سالن جي نينگر سان مبينا بدفعلي ڪرڻ کانپوءِ کيس زهريلو شراب پياري قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پوليس موجب، فوتي نوجوان جي پيءُ جي فرياد تي 2 نامزد ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
پوليس موجب، نينگر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، جنهن جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي موت جي حتمي سبب ۽ بدفعلي بابت صورتحال واضح ٿي سگهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.