ايئر چيف ظهير احمد بابر جو تاريخي خطاب. اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو آهي ته معرڪه حق ۾ پاڪ فضائيه دشمن کي سرينگر کان ڀٽنڊا تائين اهڙو سبق سيکاريو جيڪو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.
حق واري جنگ جي ڪاميابيءَ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ايئر هيڊ ڪوارٽرز ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ايئر چيف چيو ته ڀارت طرفان پهلگام فالس فليگ آپريشن کانپوءِ پاڪستان تي بي بنياد الزام مڙهيا ويا هئا، پر پاڪستان جي جوابي ڪارروائيءَ ڪري دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني.
پاڪ فضائيه جي سربراهه موجب، پاڪستان طرفان اڻڌري جاچ جي آڇ باوجود ڀارت اڳرائي ڪئي، جنهن جو پاڪ ائير فورس منهن ٽوڙ جواب ڏنو.
هن انڪشاف ڪيو ته پاڪ فضائيه دشمن جي ايس-400 ايئر ڊفينس سسٽم کي ڪجهه ئي لمحن ۾ تباهه ڪري ڇڏيو ۽ دنيا جي مڃيل جنگي جهازن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.
ايئر چيف چيو ته پاڪستان جي ”سائبر شاهينن“ دشمن جي سائبر سيڪيورٽي کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو، جڏهن ته ”آپريشن بنيان مرصوص“۾ پاڪستاني ڊرونز هدف حاصل ڪري پاڻ مڃايو.
ظهير احمد بابر سڌو وڌيڪ چيو ته قومي قيادت ۽ فليڊ مارشل سيد عاصم منير جي بهترين اڳواڻيءَ هن ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ فضائيه هميشه پنهنجي هوائي حدن جي حفاظت ڪندي ۽ قوم جي اميدن تي پورو لهندي.